لاهور (م ڊ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز جي اڄ اوڪاڙا ۾ جلسي سبب تعليمي سرگرميون معطل رکڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز اوڪاڙا جي اقبال اسٽيڊيم ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي، ڊي سي اوڪاڙا جي هدايت تي تعليمي سرگرميون معطل رکڻ جو نوٽيفڪيشن ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ساهيوال جاري ڪيو. مقامي انتظاميا ڪوريج ڪندڙ صحافين لاءِ سيڪيورٽي پاس حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو آهي.