لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چڙ ڏياريندڙ تقرير جي ڪيس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن تي لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري علدات مريم اورنگزيب سميت سميت ٻين خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. مريم اورنگزيب بريت جي درخواست داخل ڪرائيندي چيو ته ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهه ٻول بابت ڪو ڪردار نه آهي، ۽ نه ئي ڳالهه ٻول جي ذميوار آهيان. منهنجي بريت جي درخواست منظور ڪئي وڃي. ياد رهي ته مريم اورنگزيب خلاف لاهور جي گرين ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.