لکنئو(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي شهر لکنئو ۾ ڊاڪٽرن مريض جو موبائل استعال ڪرڻ دوران دماغ جو آپريشن ڪري ٽيومر ڪڍي ورتو. ٽائمز آف انڊيا جي رپورٽ موجب اويڪ ڪرانيوٽومي جي ٽيڪنڪ جو استعمال ڪيو جنهن تحت مريض کي بيهوش نه ڪيو ويندو آهي بلڪ اهو جاڳندو رهندو آهي، ان ٽيڪنڪ کي استعمال ڪندي لکنئو جي ڊاڪٽرن 56 سالن جي هريش چندر جو آپريشن ڪيو. رپورٽن موجب اهو آپريشن ڪليان سنگهه ڪينسر انسٽيٽيوٽ اسپتال ۾ ٿيو جتي هريش کي بيهوش ڪرڻ کانسواءِ موبائل ۾ مصروف ڪيو ويو. ڊاڪٽرن موجب هريش کي ڪجهه ڏينهن اڳ شديد سور ۽ کاٻي ٻانهن سميت ڄنگهه ۾ تڪليف جي شڪايت هئي. پر برين ٽيومر جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن خدشو ظاهر ڪيو هو ته هريش معذور ٿي سگهي ٿو، جنهن کانپوءِ سندس علاج شروع ڪيو ويو ۽ پوءِ آپريشن ڪيو ويو. سرجري دوران مريض کي بنيادي انيسٿيسيا ڏنو ويو پر اهو موبائل استعمال ڪرڻ سان گڏ ڄنگهه به چوري سگهي پيو ۽ قلم به پڪڙي سگهي پيو. اهو ان لاءِ ڪيو ويو جيئن مريض جو دماغ حرڪت ۾ رهي ۽ احتياط سان ٽيومر ڪڍيو وڃي، ايئن ڪرڻ سان مريض جي دماغ جون نسون متاثر ٿيڻ جو خدشو نه هئڻ برابر هوندو آهي.