حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سول اسپتال حيدرآباد جي گيسٽرولاجي وارڊ ۾ داخل حيدرآباد جي علائقي ڪچي قلعي جي رھواسڻ نسيم يوسفزئي زال  بشير يوسفزئي آنڊن جي بيماري سبب داخل ٿيل ھئي. جنھن آپريشن ٿيڻ کان اڳ اسپتال انتظاميا ۽ ڊاڪٽرن کي گذارش ڪئي ته آپريشن ڪامياب ٿئي الئي نه ان ڪري سندس آخري خواھش آھي ته سندس نياڻي دعا يوسفزئي جي رٿيل شادي جو نڪاح اسپتال ۾ سندس اکين جي آڏو ڪرايو. جنھن کانپوءِ داخل ٿيل مريضه جي نياڻي ڪنوار دعا يوسفزئي ۽ گھوٽ فرمان جي ڄڃ خاندان جي ڀاتين تي مشتمل ڄڃ دھلن ۽ شرنائين سان گڏ سول اسپتال جي گيسٽرولاجي وارڊ ۾ پھتي. جتي اسپتال جي انتظاميا گھوٽ ۽ ڪنوار کي گلن جا ھار پارائي آجيان ڪئي. اسپتال جي وارڊ ۾ ٻنھي گھوٽ ڪنوار جو نڪاح ڪرايو ويو. ان موقعي تي اھڙي انوکي شادي جي نڪاح جي خوشي ۾ ٻين مريضن به شرڪت ڪئي ۽ خوشي ۾ جهمريون ھنيون.