ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن پاران ٻارڙن جي اسپتال اين آءِ سي ايچ ۾ داخل ٿيندڙ ٻارڙن جو بهتر علاج نه ٿيڻ، ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽرن تي تشدد وارن واقعن خلاف مظاهرو ڪري او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊاڪٽر سليم ۽ ٻين چيو ته اين آءِ سي ايچ ۾ سهوليتن جي کوٽ آهي، هيٽ اسٽروڪ وقت به ڪولنگ سسٽم ناڪاره آهي، ريڊيولاجي شعبو مڪمل طور مفلوج ۽ مشينون خراب پيل آهن. هنن چيو ته مريضن جا وارث مهانگيون دوائون ٻاهران وٺڻ تي مجبور آهن. مريضن کي سهوليتون نه ملڻ تي سندن وارث ڊاڪٽرن ۽ عملي سان منهن ماري ڪن ٿا. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن اسپتال ۾سڌارا نه آيا ته اڻڄاتل مدي تائين ڌرڻو ۽ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪنداسين.