مريد شاخ (ن پ ا) سنڌ ۽ پنجاب جا سرحدي علائقا ڌاڙيلن جون محفوظ پناهگاهون بڻيل، ماڇڪي پنجاب جو رهواسي سردار گهانگهرو مريد شاخ مان ڌاڙيلن هٿان هڪ هفتو اڳ اغوا ٿي ويو هو. ڌاڙيلن پاران مغوي سردار گهانگهرو جي بازيابيءَ لاءِ وارثن کان ڪجهه ڏينهن اڳ 50 لک رپيا ڀنگ جو مطالبو به ڪيو ويو هو ۽ وارثن پاران ڀنگ جي رقم ۾ دير ٿيڻ بعد ڌاڙيلن مغوي سردار گهانگهرو تي تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. ڄاڻايل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مغوي پورهيت هٿ ٻڌي روئي وارثن کي منٿون ڪري رهيو آهي ته ڌاڙيل تشدد ڪندا رهن ٿا. منهنجي جان ڇڏايو، نه ته مون کي ماري ڇڏيندا. جلد کان جلد ڀنگ جي رقم ڏئي ڌاڙيلن جي چنبي مان جان آجي ڪرايو. وڊيو ۾ ڌاڙيل مغويءَ تي تشدد ڪندي نظر اچي رهيو آهي.