لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) برطانيا جي راڄڌاني ۾ مريخ ملي ويو، ماڻهو ڳاڙهي سياري جو ويجهي کان نظارو ڪري حيران ٿي ويا. لنڊن جي ميوزوم ۾ مريخ جو اهو خوبصورت نظارو ڪرايو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب اولڊ رائل نيول ڪاليج جي تاريخي هال ۾ ديو جيڏي وڏي ڳاڙهي سياري جي نمائش ڪئي وئي. اهو ڪارنامو آرٽسٽ ليوڪ جيرم انجام ڏنو. جنهن پنهنجي هنر سان ڏسندڙن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. ميوزيم ۾ ماڻهو هاڻ پنهنجي اکين سان مريخ ڏسي رهيا آهن جڏهن ته سياحن ان لمحي کي يادگار بڻائڻ لاءِ ڪيمرا جي اک ۾ به محفوظ ڪيو.