مروج سياست جا چند نادر ‘نمونا’

0
14
مروج سياست جا چند نادر ‘نمونا’

 اهي به ڇا ته ڏينهن هئا، جڏهن ميان نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت اسٽيبلشمينٽ کي سوڙهين هٿين وٺندي هئي، تڏهن عمران خان چوندو هو ته، “جنرل باجوه پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ جمهوريت پسند آرمي چيف آهي. هي ماڻهو ان ڪري سندس خلاف آهن، جو هو انهن چورن جي سرپرستي ڪرڻ جي بدران منهنجي حڪومت سان گڏ بيٺو آهي”.

                 پوءِ اهي ڏينهن به آيا جڏهن عمران خان ان ئي جنرل باجوه کي مير جعفر، مير صادق، آمريڪي ٽوڊي، جمهوريت ۽ تبديليءَ جو دشمن قرار ڏيئي ڇڏيو. هو پنهنجي حڪومت ڊهڻ جي ٻن سالن تائين ان کي آمريڪي سازش قرار ڏيندو رهيو. پر ٻئي ڏينهن هن چيو ته، منهنجي حڪومت جنرل باجوه ڊاٺي آهي ۽ هو ئي ان جو ذميوار آهي.

                 هڪ اهڙو به وقت هو، جڏهن ميان نواز شريف جو رت جوش ۾ ايندو هو ۽ هو چوندو هو ته، محترما بينظير ڀٽو سيڪيورٽي رسڪ آهي، ان کي ڪهوٽا ايٽمي پلانٽ وغيره جو دورو ان ڪري ڪرايو نٿو وڃي، جو رياست بينظير ڀٽو جي ڀارت سان لاڳاپن جي ڪري احتياط ڪندي آهي. جناب نواز شريف پيپلز پارٽيءَ کي، ڀٽو خاندان سميت سمنڊ ۾ اڇلائي هن ملڪ کي ڀُٽي جي سحر کان آزاد ڪرائڻ ٿي چاهيو. وقت هميشه هڪجهڙو ناهي رهندو. وقت بدليو. مسلم ليگ (ن) جنرل پرويز مشرف جي بغاوت کانپوءِ ان ئي پيپلز پارٽيءَ سان گڏ اي آر ڊي ۾ ويٺي. اڳتي هلي ٻنهي جماعتن جي وچ ۾ ‘ميثاقِ جمهوريت’ پڻ ٿيو.

هڪ وقت اهڙو به هو، جو عمران خان جنرل پرويز مشرف جي ريفرنڊم جي نه صرف حمايت ڪئي پر ريفرنڊم جي حق ۾ مهم پڻ هلائي. انهن ڏينهن ۾ هو اهو چوندو هو ته، “جنرل پرويز مشرف جي حمايت جي قيمت تي جيڪڏهن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) مان ڇوٽڪارو ملي ٿو وڃي ته اهو ايترو خراب سودو نه آهي”. جنرل پرويز مشرف به ان کي چڱيءَ ريت دولاب ڏئي پاڻ تي اڪن ڇڪن ڪري ورتو. شوڪت خانم اسپتال ۾ منعقد ڪيل مانجهاندي ۾ تقرير ڪندي پرويز مشرف ايستائين چئي ڇڏيو ته، “عمران خان منهنجو وزير اعظم هوندو”. 2002ع وارين عام چونڊن کان اڳ مشرف ۽ عمران خان ۾ ويڇا پيدا ٿي ويا. پرويز مشرف چوندو هو ته، “عمران خان قومي اسيمبليءَ جون 117 سيٽون گهريون هيون، (عمران خان بعد ۾ چيو ته، اسان جا 90 اميدوار ڪاميابيءَ جي پوزيشن ۾ هئا)، جڏهن ته ايجنسين جي رپورٽ اها هئي ته، عمران خان صرف ميانوالي مان ئي کٽي سگهندو. اهڙي صورت ۾ آئون هڪ سيٽ واري کي ڪيئن وزير اعظم بڻائي ڇڏيان ها”. پرويز مشرف ۽ عمران خان جي اختلافن جو دور شروع ٿيو ته، عمران خان جلسن، تقريبن ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ اهو تواتر سان چوڻ لڳو ته، مشرف حڪومت ميان نواز شريف کي بندوق جي زور تي پاڪستان کان ٻاهر موڪليو آهي.

مٿين سِٽن ۾ ڏنل ڪجهه مثال اسان جي مروج سياست جي روش کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهن. جيڪڏهن توهان کي ناگوار نه لڳي ته هڪ ٻيو به ڪڙو ۽ ڪسارو مثال پيش ڪريان. 1988ع وارين عام چونڊن ۾ لاهور مان اسلامي جمهوري اتحاد جي قومي اسيمبليءَ جي اميدوار حافظ سلمان بٽ ٽيڪسالي جي ويجهو علي پارڪ ۾ جلسو ڪندي بازارِ حسن جي ماڻهن کي چيو هو ته، توهان هتي ٻه ‘ڪوٺا’ خالي ڪرايو، هتي ماءَ ۽ ڌيءَ کي ويهارڻو آهي”. هن جو اشارو ڀٽي خاندان جي عورتن ڏانهن هو. پرويز مشرف دور جي مڪاني چونڊن ۾ اهو ئي حافظ سلمان بٽ نائب ضلعي ناظم طور ان ئي پينل ۾ شامل هو، جيڪو پيپلز پارٽيءَ جو حمايت يافته هو.

2013ع کان 2018ع جي وچ ۾ آزاد ڪشمير جي رياستي اسيمبليءَ جي چونڊ مهم دوران پ پ پ جو سربراهه بلاول ڀٽو نواز شريف کي موديءَ جو يار قرار ڏيندي نه ٿڪندو هو. مسلم ليگ (ن) آصف علي زرداريءَ کي پروپيگنڊه جي زور تي “مسٽر ٽين پرسينٽ” بڻائي پيش ڪيو. اڄ به پاڪستانين جو وڏو تعداد اهو سمجهي ٿو ته، موٽر ويز جي ٽال پلازه ۽ موبائل ڪارڊن تي زرداري ٽيڪس به شامل آهي.

اسان جو محبوب ۽ گهڻگهرو مولانا فضل الرحمان ايم آر ڊي ۾ رهيو. پوءِ عورت جي حڪمرانيءَ جي خلاف ٿي ويو. بعد ۾ عورت جي حڪمرانيءَ ۾ ئي اهم ڪميٽين جو سربراهه بڻايو ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ تائين هو چوندو هو ته، عمران خان هڪ يهودي ايجنٽ آهي. عالمي سامراجي طاقتن پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ۾ موجود پنهنجن مهرن جي ذريعي ان کي پاڪستان تي مسلط ڪيو آهي. مولانا ان سلسلي ۾ ٻيو به گهڻو ڪجهه چوندو هو. پر هاڻوڪن ڏينهن ۾ هو پي ٽي آءِ جي مسلم پشتون ولي جي علمبردار گروپ جي ڪري پي ٽي آءِ سان اتحادي سياست لاءِ ڳالهين سان گڏ جماعتي سطح تي پڻ غور ويچار ڪري رهيو آهي.  ڪجهه پوئتي ٿا هلون. 1971ع کان جنرل ضياءَ جي 5 جولاءِ 1977ع واري مارشل لا جي وچ واري عرصي ۾ هن ملڪ جي اسلام پسند سياسي اڳواڻن، صحافين ۽ دانشورن ذوالفقار علي ڀٽو، ان جي گهرواري، نياڻي ۽ مرحومه والده لاءِ ڇا ڇا نه چيو ۽ لکيو. جماعت اسلاميءَ وارا ته ڀُٽي جي رت جا پياسا هئا.  اڃان گهڻو پوئتي وڃون ته، جناح صاحب مولانا آزاد کي ڪانگريس جو ‘شو بواءِ’ چوندي نظر ايندو هو. ڪانگريس، جمعيت علماءِ هند، مسلم ليگ ۽ جناح جي باري ۾ ڇا چونديون هيون، اهو پڻ تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي. اسان جو محبوب ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان جي ڪنوينشن مسلم ليگ جو سيڪريٽري جنرل به رهيو. بي ڊي نظام وارين صدارتي چونڊن ۾ هو ايوب جو چيف پولنگ ايجنٽ هو. وري دلچسپ ڳالهه اها آهي ته، ماضي ۽ حال جا سياستدان، مُلان، صحافي، دانشور وغيره وغيره هڪ ٻئي خلاف زهر اوڳاڇي پوءِ وري هڪ ٿي ويندا آهن، پر انهن جا حامي ووٽر ۽ ٻيا سموري عمر زهر چٽيندا رهندا آهن.

هنن ئي سِٽن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا اهو عرض ڪري چڪو آهيان ته، جمهوريت، جمهوري نظام ۽ سياستدانن کي گار بڻائي پيش ڪرڻ جي پٺيان اسٽيبلشمينٽ جي سيڙپڪاري آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن هن ملڪ ۾ هڪ قومي ڪميشن اسٽيبلشمينٽ جي جمهور دشمن ڪردار ۽ ان جي سيڙپڪاريءَ جي باري ۾ تحقيق لاءِ جوڙيو ويو ته، ته ويساهه ڪريو، ماڻهو اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهه مري ويل ڪردارن کي قبرن مان به ڪڍي ايندا. حوصلو رکو، اهڙو ڏينهن ڪڏهن به نه ايندو، جو هيءَ هڪ سيڪيورٽي اسٽيٽ آهي.

ستم اهو آهي ته اسان جا سياستدان اقتدار لاءِ سمجهوتن جي سياست ڪندا آهن. هڪ ٻئي کي دَسڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجو پنهنجو ڪلهو تبرڪ طور پيش ڪندا آهن. گهڙي کن لاءِ ترسو! آئون پنهنجي ملتاني مخدوم پير شاه محمود قريشي کي ته وساري ئي ويٺو هئس ته ڪيئن هن ريمنڊ ڊيوس واري معاملي ۾ جنرل شجاع پاشا جي اشاري تي پنهنجي ئي جماعت پيپلز پارٽيءَ جي پُٺ ۾ ڇُرو هنيو هو. سچ پڇو ته، پاڪستاني سياست جي ان تاريخ جي ڪري ئي آئون هنن ئي سِٽن ۾ اهو عرض ڪندو رهندو آهيان ته، سياستدان ماضيءَ مان سبق نٿا سکن. جيئن تحريڪ انصاف وارا ماضيءَ مان سبق سکڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي هنج ۾ ويهي اقتدار حاصل ڪرڻ تي معذرت نٿا ڪن، ٻيا به ان ٻچاپڙائيءَ جو مظاهرو ڪن ٿا. ڪاش دعائن سان بهتري اچي سگهي ها ۽ سياستدان سڏرائڻ وارا سماج ۾ موجود ورڇ ۽ تفرقي کي وڌائڻ جي بدران حقيقت پسنديءَ جو مظاهرو ڪن.