لاهور(شوبز نيوز) سينئر اداڪاره عفت عمر عرفي جاويد جي فيشن سينس تي ڳالهائيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پنهنجي مرضي جو فيشن ڪري نڪران ته لاهور مون کي قتل ڪري ڇڏي، عرفي جو فيشن سندس مرضي آهي پر اهو منهنجي طرز جو فيشن نه آهي. هن چيو ته ان فيشن کي قبول نه ڪنديس پر سندس فيشن سينس جي گلا به ڇو ڪريان؟ هن ڇيو ته ڪا به سرحد عام انسان چونڊي نه ٿو سگهي. ڪو به ماڻهو فيشن لاءِ درست يا غلط هجڻ جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي.