اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) لائرز فورم جي اهتمام هيٺ ”غير جانبدار عدليه“ ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان وڪيل اڳواڻن شرڪت ڪئي، مسلم ليگ (ن) جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل عطا تارڙ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو گذريل ڪجهه عرصي دوران عدليه کي پنهنجي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو، سياسي بنيادن تي ڪيس ٻڌا ويا ۽ من پسندن ججن کي بينچن ۾ شامل ڪيو ويندو رهيو، هڪ لاڏلي کي فائدو پهچائڻ جا عدالتي مثال قائم ڪيا ويا، هن چيو ته جسٽس اعجاز الاحسن جي سڀ کان وڌيڪ بينچن ۾ شموليت ڪهڙي قائدي تحت ٿي؟، ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ سياسي ڪيسن ۾ چيف جسٽس چيف جسٽس شامل رهيو، ڪجهه ججن کي نظر انداز ڇو ڪيو ويندو رهيو؟، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي بينچن ۾ ڇو شامل نه ڪيو ويندو رهيو، بنينچز جوڙڻ ۽ ڪيسن جي الاٽمينٽ ۾ پنهنجي مرضي هلائي وئي، ماڻهن کي گڊ ٽو سي يو چيو ويندو رهيو، توهان پنهنجي فل ڪورٽ ميٽنگ ڇو نه ٿا گهرايو، هن چيو ته توهان پهريان نواز شريف کي نااهل ڪيو، سس جي آڊيو ليڪ ڪيس ۾ توهان ڪميشن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو، نواز شريف جي 21 آڪٽوبر تي واپسي جو اعلان ٿي ويو آهي، نواز شريف جو بي مثال استقبال ٿيندو.