مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور ويجهو جيها ڏاهاڻي خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ڌرين جي هڪٻئي تي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، علائقو نوگوايريا بڻيل، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڇتو منگي سم شاخ وٽ جيها ڏاهاڻي خوني تڪرار تان ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب جيها ڌر جو گلزار ککراڻي ۽ ڏاهاڻي ڌر جو شهزادو پٽ عبدالغفور عرف غفوري ڏاهاڻي مارجي ويا، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب سمورو علائقو نوگو ايريا بڻجي ويو، اطلاع تي مدئجي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش اسپتال آندا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، ياد رهي ته ڪجهه وقت پهريان پيار پرڻي تان ٻنهي ڌرين وچ ۾ خوني تڪرار شروع ٿيو هو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 10 کان مٿي ماڻهو مارجي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، مارجي ويلن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.