مرزا قليچ جي ناٽڪ نويسيءَ جو اڀياس

0
35
مرزا قليچ جي ناٽڪ نويسيءَ جو اڀياس

ناٽڪ/ڊرامو لطيف فن جو اهم حصو آهي. ادب جو اهم حصو شمار ٿيندي به ناٽڪ مڪمل طور ادب نه آهي، هي هڪ گڏيل فن آهي ته به انهيءَ ۾ ادبي ٻوليءَ جو استعمال اهميت رکي ٿو. معياري ناٽڪ لکڻ هڪ وڏو ادبي ۽ فني مرحلو آهي. ملڪاڻي صاحب لکي ٿو ته، ليلىٰ مجنون: منظوم اوپيرا ناٽڪ ايڪٽ ۽ سينن جي بدران بابن ۽ پردن ۾ ورهايل آهي. ڏوهيڙن تي مشتمل هن ناٽڪ جي ٻولي دل پذير ۽ سيبائيندڙ آهي. جنهن کي سکر جي ماستر هريسنگھ 1880ع ۾ شايع ڪيو. اصل ۾ هيءُ ناٽڪ گجراتي زبان جي ناٽڪ نويس نوشيروانجي لکيو جنهن کي شيخ محمود احمد هندوستاني زبان ۾ آندو. جنهن تان مرزا صاحب سنڌي راڳ جي صورت ۾ منظوم ڪيو.

                 ناٽڪ جي شاعريءَ ۾ لفظن ۽ شعر جي جوڙجڪ اهڙي رکيل آهي جو ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ گھڻو متاثر ٿيا. هيءُ ناٽڪ جنهن وقت لکيو ويو انهيءَ وقت سنڌ ۾ ڪابه ناٽڪ منڊلي ڪونه هئي. پهرين ناٽڪ منڊلي ڊي جي سنڌ ڪاليج ايميچوئرس ڊراميٽڪ سوسائٽي ڪراچي  1894ع ۾ قائم ٿي. ليلىٰ مجنون کان پوءِ مرزا صاحب ٻيا ناٽڪ لکيا جي ڇپيا ۽ اسٽيج تي پڻ ٿيا، پر هيءُ ناٽڪ اسٽيج تي پيش نه ٿيو. سنڌي ناٽڪ جي 1980ع ۾ سئوسالا جشن حيدرآباد ۾ منعقد ڪرڻ تي ليلىٰ مجنون  ناٽڪ گورنمينٽ گرلس زبيده ڪاليج جي آڊيٽوريم ۾ پيش ڪيو ويو، جو ڏسندڙن تمام گھڻو پسند ڪيو.

ليليٰ مجنون کان سواءِ سندن لکيل ناٽڪن جو ڳاڻيٽو ڊاڪٽر غلام رسول اوڻٽيھ ڄاڻايو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور ڪينجھر قليچ جرنل ست ۾ صفحي نمبر ٽيھ تي 1880ع کان 1924ع تائين ڇويھن ناٽڪن جي تاريخ ترتيب وار ڇپائيءَ جي حوالي سان ڏني آهي. جنهن ۾ اصلوڪا ۽ ورتل ناٽڪ الڳ الڳ بيان ڪيل آهن ته ڇپائيءَ جا ادارا ۽ سال پڻ ڏنل آهن. ليليٰ مجنون کان پوءِ سندن مشهور ناٽڪ خورشيد 1885ع ۾ ڇپيو جو پوريءَ سنڌ ۾ گھڻو مقبول ٿيو ۽ اڪثر ڪاليجن ۾ ۽ ناٽڪ منڊلين ۾ پيش ٿيو. ان کان سواءِ  بڪاولي  1894ع،  لوڀي ۽ ٺوڳي  1894ع،  شڪنتلا  1896ع،  انڪوائري آفيسر  1896ع،  نورجهان ۽ جھانگير  1896ع،  نادر شاھ  1897ع،  حسنا دلدار  1897ع،  نيم حڪيم خطره جان، نيم ملان خطره ايمان  1897ع،  شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو  1899ع،  شاھ ايليا  1900ع،   فيروز دل افروز  1905ع،  شمشاد مرجانه  1908ع،  گشت ڪي ڪشٽ  1908ع،  گلزار ۽ گلناز  1909ع،  عزيز شريف  1909ع،  نيڪي ۽ بدي  1911ع،  حرڪت مان برڪت  1911ع،  شهزادو بهرام  1914ع،  پرهيز جي ٽولي  1915ع،  جمشيد حميده  1918ع،  شهريار شهربانو  1918ع،  شيرين فرهاد  1918ع،  بدر منير ۽ بينظير  1918ع،  موهني  1924ع ۽ ٻيا آهن.

شاھ ايليا: شيڪسپيئر جي دکدائڪ ناٽڪ ڪنگ ليئر (King Lear) جو ترجمو شاھ ايليا جي نالي سان ڪيائين. هن ناٽڪ جو مک ڪردار شاھ ايليا راڄ ۽ ڀاڳ جو مالڪ هڪ خوشامدي انسان هجي ٿو جو پنهنجي سڄي ملڪيت انهن ڌيئرن ۾ ورهائي ٿو جي سندس چاپلوسي ڪنديون رهنديون آهن. آخر ۾ اهي ئي ڌيون کيس پنهنجي گھرن ۾ برداشت نٿيون ڪن. اهڙيءَ طرح پوڙهو ٿيڻ تي هو ڌڪاريل حياتي گذاري ٿو. هن ڊرامي ۾ مرزا صاحب انگريزي نالن بدران قديم سنڌي نالا ڪردارن کي ڏنا آهن. ڊرامو پنجن بابن ۽ ستن پردن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ سنجيده، طنزيه ۽ مزاحيه مڪالمن معرفت انسانن جي حياتي جي اٿ ويھ، خيالن، جذبن ۽ نفسيات جو مطالعو پيش ڪيو ويو آهي.

شهزادو بهرام: قليچ بيگ 1923ع ۾ لکي پورو ڪيو، 12 مارچ 1923ع تي ڪتاب جي ديبا چي ۾ لکيو اٿس ته  شيڪسپيئر جا گهڻا ناٽڪ مون هن کان اڳي سنڌي ۾ آندا آهن، جي سنڌ ڪاليج ڊراميٽڪ سوسائتيءَ ڇپايا آهن، هئمليٽ (Hamlet) جو مشهور ناٽڪ به شيڪپسيئر جو آهي تنهن کي هينئر مون سنڌيءَ ۾ آندو آهي، اميد آهي ته پڙهندڙن توڙي ناٽڪ ڪندڙن کي گهڻو پسند ايندو . ڊرامي هئمليٽ کي مرزا صاحب شهزادو بهرام، جو عنوان ڏيئي سنڌي ناٽڪ نويسيءَ ۾  نون ايڪٽن ۽ هڪ سئو پنجانوي صفحن تي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو.

ڪهاڻي خاص طور هيرو شهزادي بهرام جي بدلي جي باھ ۾ سڙڻ ۽ پڄرڻ جي چوگرد گهمي ٿي جيڪو هو پنهنجي نڳي پيءُ (چاچي) کان وٺڻ چاهي ٿو جنهن سان سندس ماءُ هن جي پيءُ جي قتل ٿيڻ بعد شادي ڪري ٿي. شهزادو بهرام جنهن ۾ ڪل لياقتون هيون شجاعت، علميت ۽ ڪماليت  هئي هو هڪ بي مثال ۽ لاثاني شهزادو هو سو غير يقيني حالتن جي ڪري بلڪل بتال ٿي رهيو هو، بدلي ۽ وير وٺڻ جي باھ ۾ سڙي هُو حال کان بي حال ٿي پيو هو ۽ کيس سڀ ديوانو سمجهي رهيا هئا، پردر حقيقت هُو ڏاهو هو.  جنهن جا ظاهري طور جنون ۾  پر اندروني طور هوشمنديءَ وارا مڪالما اثرائتا آهن. انڪوائري آفيسر دي انسپيڪٽر جنرل جي نالي سان 1835ع ۾ روسي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو هو، جو مرزا قليچ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل پڙهيو ۽ ان جي مرڪزي خيال کي کڻي ڏيهي ماحول ۽ ڪردارن وسيلي مذاقي ۽ سبق آموز بنائي سنڌي ٻوليءَ  ۾ آندائين، ڊرامو اسٽيج تي پڻ پيش ٿيو.  هن ناٽڪ جو مطالب ٻن جملن ۾ اهو آهي ته ڏوهي جي دل ۾ جڏهن خوف هوندو آهي تڏهن هو ابتاسبتا ڪم ڪرڻ لڳندو آهي.

نيڪي ۽ بدي: شيڪسپيئر جي ناٽڪ تان ورتل جو اردوءَ ۾ آغا حشر  خوبصورت بلا  جي عنوان سان لکيو.  هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ 1973ع ۾ شايع ڪيو 146 صفحن جو نيڪي ۽ بدي ناٽڪ موضوع مطابق نيڪيءَ جي پرچار ۽ فتح، بديءَ جي خرابين ۽ ناڪامين کي بيان ڪري ٿو جنهن ۾ ناٽڪ نويس موجب ته نيٺ به ڪاميابي نيڪيءَ کي ئي پلئه پوندي. بدي وقتي طور خوشي ڏي ٿي پر انهيءَ جي پڇاڙي خراب آهي. نيڪيءَ جي رحماني طاقت ۽ بديءَ جي شيطاني طاقت جي وچ ۾ ٿيل مڪالما ناٽڪ جي منڍ ۾ آهن جن تي ئي سڄي ناٽڪ جو دارومدار هجي ٿو.

قليچ صاحب جيترو سٺو نثر نويس هو اوترو ئي سٺو شاعر، سندن ناٽڪن ۾ ڪافي رباعيون، غزل ۽ بيت آهن جن کي جيڪڏهن انهن ڪتابن مان الڳ ڪري گڏي ڇپايو وڃي ته آئون سمجهان ٿي هڪ وڏو شاعريءَ جو ڪتاب جڙي ويندو. هن ناٽڪ ۾ پڻ انيڪ هنڌن تي شاعريءَ جا اعلى مثال موجود آهن. مرزا صاحب شيڪسپيئر جي ڪيترن ئي ناٽڪن جا ترجما ڪيا آهن ته ڪجھ جي Adaptation  به ڪيل آهي. منجھن اصل ڪهاڻي ساڳي رکي باقي ڪردار نئين زماني جي حوالي سان ڪجھ تبديليون آڻي پيش ڪيا جن ۾ سندن پهريون ناٽڪ  حسنا دلدار  (Merchant of Venice) 1897ع هو جنهن ۾ ڏيهي ڪردارن هري رام مارواڙي وياج خور ۽ دلدار ۽ حسنا جي ڪردارن معرفت ڪهاڻي آندائين جو اسٽيج تي پڻ آندو ويو هن ناٽڪ جو مقصد وياج خوريءَ کان بچاءُ ۽ ايمانداريءَ جي سکيا آهي.  Cymbeline  جي عنوان سان شيڪسپيئر جي ناٽڪ کي  شمشاد ۽ مرجانه  جي عنوان سان Adopt ڪري پيش ڪيائين. هيءُ ناٽڪ عورت ۽ مرد جي وچ ۾ وفا ۽ بيوفائيءَ جي موضوع گرد گھمي ٿو. جنهن ۾ مرد عورت بابت ٻُڌل بيوفائيءَ تي کيس جدائي ٿو ڏئي ۽ بنا تحقيق جي پنهنجي سڪون کي تباھ ڪرڻ بعد آخري حياتي وڇوڙي جي عذابن ۾ گھاري ٿو.

 Two Gentlemen of Verona  شيڪسپيئر جي ناٽڪ کي  عزيز ۽ شريف  جي عنوان سان لکيائين. هن ناٽڪ کي حيدرآباد پليڊرس ڪلب وارن 1919ع ۾ ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو. ان کانسواءِ (Romeo and Juliet) کي  گلزار ۽ گلناز ، (Hamlet) کي  شهزادو بهرام  جي نالن سان لکيائين جو پڻ ڪامياب ويو. شيڪسپيئر جي ناٽڪ  As you like it  تان  جمشيد ۽ حميده  لکيائين اهڙيءَ طرح سندن ڪافي ناٽڪ شيڪسپيئر جي ناٽڪن تان آهن ته ڪي اصلوڪا آهن جي پنهنجي وقت ۾ اسلاميه پريس لاهور، ماستر هريسنگھ سکر، سرڪاري بڪ ڊپو ڇپايا ته ڪي بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا ۽ اسٽيج تي خاص طور سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي، نيشنل ڪاليج ڊراميٽڪ سوسائٽي، حيدرآباد پليڊرس ڪلب ۽ ٻين پيش ڪيا. اصلاحي مقصد لاءِ قليچ ناٽڪ جي لکڻ کي انهيءَ دور جي حوالي سان اهميت جوڳو سمجھيو جو اثر ڏسندڙن تي انهيءَ وقت ئي ٿيندو آهي. هن عمل ۽ ڪوشش وسيلي پنهنجي حياتيءَ کي سوڀارو ڪرڻ، تقدير تي ڀاڙي نه ويهڻ ۽ نيڪيءَ سان سماج کي سنوارڻ، بديءَ کي بڇڙو ڪري پيش ڪرڻ سان اخلاقي تعليم ڏني.

مرزا صاحب جا لکيل ناٽڪ ڪيترائي دفعا اسٽيج تي پيش ٿيا ۽ مقبول ٿيا. اهي ناٽڪ سندن حياتيءَ ۾ بار بار شايع پڻ ٿيا فقط ناٽڪ  خورشيد  ورهاڱي کان اڳ نو دفعا ڇپيو. اهڙيءَ ريت سندن ناٽڪن ۾ انيڪ خوبيون، خوشي، غم، رومانيت، طنزومزاح ۽ سماجي مسئلن جي اوک ڊوک سبب گھڻو مشهور ٿيا. سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي ميدان ۾ مرزا صاحب جو ڪم مڃڻ جوڳو آهي.