ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) مرزا شگر ملز 22 ڪروڙن جي قرضي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ 20 سالن کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي قرض جي وصولي لاءِ مرزا شگر ملز جي ملڪيت وڪرو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ مرزا شگر ملز پاران خانگي بينڪ کي قرض جي ادائگي نه ڪرڻ واري ڪيس جو 20 سالن کانپوءِ فيصلو ٻڌائي مرزا شگر مل جي بينڪ خلاف داخل درخواست رد ڪندي بينڪ کي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو تھ معاهدي موجب مرزا شگر ملز سميت 113 ايڪڙ زمين، مشنري ۽ ورڪشاپ بينڪ وٽ گروي آهي، قرض جي وصولي لاءِ بينڪ مرزا شوگر ملز جي ملڪيت وڪرو ڪري سگهي ٿي، درخواست گذار جو چوڻ ھو تھ مرزا شوگر ملز کي 22 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم بينڪ کي ادا ڪرڻي ھئي، مرزا شگر ملز کي بينڪ 1990 کان 1991 تائين 19 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم قرض طور ڏني ھئي، ڌرين قرض ري شيڊيول ڪرڻ لاءِ 2000 ع ۾ اتفاق ڪيو ھو، رقم واپس نه ملڻ تي بينڪ 2003ع ۾ عدالت سان رابطو ڪيو ھو، جڏھن ته مرزا شگر ملز پاران پڻ بينڪ خلاف اضافي مارڪ اپ ۽ چارجز جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.