مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور جي ڪچي ۾ ڪلهوڙا جوڻيجا تڪرار تان فائرنگ ۾ مارجي ويل جوڻيجا برادري جي 5 ڄڻن جو ڪيس مسمات زيبل زال غلام قادر جوڻيجو جي فرياد تي ڄهٻر شيخ ٿاڻي تي 26 ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيل ڪيس ۾ دلبر ڪلهوڙو، رحيم، اعجاز، شاهد، ڪفايت، اصغر، غلام رسول، عزيز، ٻالو ڪلهوڙو، الطاف شيخ، فهيم گهمرو، لياقت جيهو، واحد بخش جيهو، صابر حسراڻي، واحد جکرو، ضمير ناريجو، شاهد جيهو، علي مراد جيهو ۽ ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ فريادڻ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن اسان جي هارپو ڪندڙن مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي ۽ راڪيٽ لانچر جا گولا فائر ڪيا، جنهن ۾ اسان جا 5 ڄڻا ٿڏي تي قتل ٿي ويا، هوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي،  جڏهن ته ٻئي ڌريون بدستور مورچا بند بڻيل آهن ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءَ واري صورتحال آهي، جنهن ڪري وڌيڪ خونريزي جو خدشو آهي، ياد رهي ته ٻنهي ڌرين جا هن وقت تائين خوني تڪرار ۾ 40 کان مٿي ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.