مرزاپور (رپورٽ: عامر جوڳي) مرزاپور جي ڪچي ۾ ٻيهر ڪلھڙا جوڻيجا خوني تڪرار ڀڙڪي پيو، هڪ ڌر جي هٿياربندن جو اوطاق تي حملو، جديد هٿيارن سان فائرنگ، چڱي مڙس جو نوجوان پٽ مارجي ويو، ڪاٺيون ڪرڻ آيل واپاري سميت 2 واٽھڙو زخمي، 2 ڄڻا اغوا، خبر موجب ڪچي جي علائقي جھٻر شيخ ٿاڻي جي حد ۾ ڪلھوڙا جوڻيجا تڪرار تان ھڪ ڌر جي هٿياربندن اوطاق تي حملو ڪري جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ جي نتيجي م ڳوٺ جمالپور واسي جوڻيجا برادري جي چڱي مڙس ڏاڙھون جوڻيجو جو نوجوان پٽ عظيم جوڻيجو مارجي ويو، جڏهن ته ٻيلي ۾ ڪاٺيون ڪرڻ آيل واٽھڙو جنيد پٽ قمر الدين جوڻيجو ۽ واپاري حاجي مڪر ناريجو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته حملو ڪندڙ هٿياربند جوڻيجا ڌر جي پپن جوڻيجو ۽ عابد جوڻيجو کي اغوا ڪري ويا، جنهن بعد ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي ڪچي ۾ پهچي ڪلهوڙا ڌر جي گهرن کي ڪڙو چاڙهي ٻئي مغوي بازياب ڪرايا، وارثن نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي ڊاٽسن تي کڻائي مدئجي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ مردن محمد قاسم جوڻيجو، صدوري خاتون، سسئي، عظمان خاتون ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪلھوڙا جوڻيجا تڪرار سان اسان جو ڪو به واسطو ناھي، ڪلھوڙا ھٿياربند صبح سوير اوطاق تي حملو ڪري اسان جو ڳڀرو نوجوان قتل ڪيو، ياد رهي ته ڪلهوڙا جوڻيجا تڪرار تان هن وقت تائين ٽن عورتن سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.