مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور لڳ 2 نوجوان مبينا اغوا، وارثن کان 30 لک ڀنگ طلب، خبر موجب ڳوٺ نئون امروٽ واسي ٻه نوجوان خان محمد دل ۽ احمد علي دل ڪرمپور جي ڪچي مان مبينا طور اغوا ٿي ويا آهن، نوجوانن جي بازيابي لاءِ سندن وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي حمادالله دل، الله ورايو دل ۽ ٻين چيو ته ٻئي نوجوان گذريل ڏينهن صبح جو ڪرمپور ۾ دوست سان ملڻ جو چئي گهران نڪري ويا، جنهن بعد هو واپس ناهن موٽيا، هنن جا موبائيل فون نمبر به بند پيل آهن، هنن چيو ته ڪالهه صبح جو نامعلوم موبائيل فون تان جوابدارن فون ڪري چيو ته نوجوانن کي اغوا ڪيو ويو آهي، ٻنهي جي بازيابي لاءِ 30 لک رپين جو بندوبست ڪيو وڃي، هنن چيو ته اسان غريب آهيون، سرن جي بٺي تي ڪم ڪري گهر جو گذر سفر ڪريون ٿا، ايترا پئسا ڪٿان آڻيون، هنن اختيارين کان ٻنهي ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي.