مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور لڳ نانگ ڪکڻ سبب همراهه فوت، رپورٽ موجب مرزاپور لڳ نئون امروٽ جي رهواسي 45 ورهين جي دوست علي جوڳي کي گهر اندر نانگ ڪکي وڌو، جنهن کي بيھوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو جسم ۾ زھر ڦھلجڻ ڪري رستي ۾ فوت ٿي ويو، فوتي جي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو.