مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور لڳ اورنگ آباد ويجھو سنڌ واهه مان نڪرندڙ امروٽ مائينر کي 50 فوٽ گھارو پئجي ويو، جنھن سبب ڳوٺ امير خروس، عبدالنبي خروس ۽ عظيم خروس سميت سوين ايڪڙ ساريالو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو، ڳوٺاڻن علي مراد، واحد بخش خروس، عبدالغني خروس، عبدالوھاب، سچل، حنيف ۽ ٻين چيو ته شاخ کي لڳل گھاري جو اطلاع بروقت آبپاشي عملدارن کي ڏنو پر ڪير به لڙي ناهي آيو، هنن چيو ته گھاري سبب 3 ڳوٺ ٻڏي ويا ۽ سوين ايڪڙ ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، هنن چيو ته آبپاشي عملدارن جي لاپرواهي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي وڃي.