ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ عورتن جي عالمي ڏھاڙي 2025 جي مناسبت سان پينل بحث جو اھتمام ڪيو ويو، “جنسي برابري ڏانهن تيز قدم” جي سري ھيٺ منعقد پينل بحث ۾ يونيورسٽي جي پروفيسرن توڙي ماهرن بهرو ورتو، تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ، ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪپوٽو، فياض شاهه ۽ ٻين فئڪلٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. ماهرن جي پينل ۾ ڊاڪٽر اعجاز وساڻ خطاب ڪندي چيو ته مرد ۽ عورت سماج جا برابر جزا آهن، هن هينري جو قول بيان ڪيو ته عورتون سماج جون معمار آهن ڊاڪٽر ارم شاهه زور ڏيندي چيو ته صنفي برابري جو مطلب صرف 20-30 سيڪڙو برابري نه، پر مڪمل 50 سيڪڙو برابري هجڻ گهرجي. نامور محقق پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح ادارن ۾ برابري جي موقعن جي اهميت تي روشني وڌي ۽ اسڪولن کان يونيورسٽين تائين نياڻين جي وڏي ڊراپ آئوٽ شرح تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. قانوني تحفظن بابت ويمن ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ، سنڌ حڪومت سيد قرات شاهه چيو ته عورتن جي قانوني تحفظ لاءِ مناسب قانوني قدمن ۽ عوامي اعتماد جي ضرورت آهي. سرگرم ڪارڪن امر سنڌو عورتن جي ادارن ۾ برابري تحت شموليت تي زور ڏنو، جڏهن ته قانوني ماهر مِس پشپا عورتن جي حقن بابت آگاهي وڌائڻ ۽ تحفظ لاءِ قانوني اصلاح تي زور ڏنو. سيشن ۾ شاگردن پڻ فعال شرڪت ڪئي ۽ ماهرن کان سوال ڪيا. هڪ شاگرد عورتن کي مک ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تيز قدمن بابت سوال ڪيو. پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ۾ ڊاڪٽر امير علي سنڌ ۾ جنسي برابري بابت قانونن ۽ پاليسين تي عملدرآمد جي اهميت کي اجاگر ڪيو.