ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ جي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماسترياڻي مقرر هئڻ باوجود تعليم کاتي مرد چيف هيڊ ماستر به رکي ڇڏيو آهي، جڏهن ته گرلس هاءِ اسڪول ۾ مرد چيف هيڊ ماستر رکڻ خلاف ماسترياڻين اسڪول آڏو شمشاد بلوچ، زاهده ابڙو، مس حنا ۽ آپا غزالا جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽  احتجاج دوران هاءِ اسڪول ۾ مرد چيف هيڊ ماستر مقرر ڪرڻ خلاف زوردار نعريبازي ڪنديون رهيون. ان موقعي تي هنن چيو ته گرلس اسڪول ۾ مرد چيف هيڊ ماستر مقرر ڪرڻ وارو عمل قابل قبول ناهي. تنهن ڪري تعليم کاتي کي اسڪول مان مرد چيف هيڊ ماستر کي فوري طور تي هٽائڻ گهرجي. هنن چيو ته اسڪول ۾ هيڊ ماسترياڻي اڳ ۾ ئي مقرر ٿيل آهي ته پوءِ چيف هيڊ ماستر مقرر ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي پر جيڪڏهن تعليم کاتي کي چيف هيڊ ماستر رکڻو ئي آهي ته پوءِ ڪنهن عورت کي چيف هيڊ ماسترياڻي جي عهدي تي مقرر ڪيو وڃي. هنن چيو ته جيڪڏهن مرد چيف هيڊ ماستر کي نه هٽايو ويو ته احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.