ڪراچي (اسپورٽس نيوز) سينيئر اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان ثمن انصاري چيو آهي ته انسان طور مرد هڪ زال کي به سنڀالي نٿو سگهي ته پوءِ اِهو ڪيئن ممڪن آهي ته هو ٻين کي خوش ڪيئن رکي سگهندو؟ ثمن انصاري تازو ئي ’ايف ايڇ ايم‘ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي شادين ۽ مرد جي ٻي شاديءَ بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. پروگرام دوران اداڪارا ٻڌايو ته سندس پهرين شادي 16 سال هلي، طلاق کان ٿوري ئي عرصي کانپوءِ سندس اڳوڻي مڙس ٻي شادي ڪري ڇڏي. هن ٻڌايو ته ڇو ته هوءَ ماءُ هئي ۽ پنهنجي ڪيريئر تي به ڌيان ڏيڻ چاهي پئي، ان ڪري طلاق کانپوءِ ترت ٻي شادي نه ڪئي پر ڪجهه عرصي بعد ٻيهر شادي ڪئي. ثمن انصاري موجب، جيڪڏهن هوءَ سوچڻ لڳي ته طلاق کان اڳ ئي سندس اڳوڻي مڙس جو ڪنهن سان لاڳاپا هئا ته اهو غلط ٿيندو، ڇو ته اهو سندس ذاتي معاملو آهي. مرد جي ٻي شادي بابت سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن پهرين شادي وقت ئي مرد پنهنجي زال کي آگاهه ڪري ته هو ٻي شادي جو ارادو رکي ٿو ته پوءِ مسئلو نه ٿيندو. اداڪارا جو چوڻ هو ته ڪيتريون ئي عورتون مرد جي هڪ کان وڌيڪ شادين کي قبول ڪن ٿيون، تنهنڪري مرد کي نڪاح نامي ۾ واضح ڪرڻ گهرجي ته هو ٻي شادي ڪري سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته مرد جي ٻي شادي سندس ذاتي مسئلو آهي، جيڪو پهرين زال ۽ مڙس پاڻ ۾ سمجهي سگهن ٿا، پر مرد کي ٻي شادي کان اڳ پهرين زال کان اجازت وٺڻ گهرجي، ڇو ته مذهب به ان ڳالهه جي هدايت ڪري ٿو. ثمن انصاري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مرد ٻي شادي ڪري ٿو ته ان تي لازم آهي ته سڀني زالن کي برابري جا حق ۽ خوشيون فراهم ڪري.