ممبئي (شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪار جان ابراهم چيو آهي ته ڀارت ۾ عورتون، ٻار ۽ جانور محفوظ نه آهن.هڪ هفتو اڳ اولهه بئنگال جي راڄڌاني ڪولڪتا ۾ عورت ٽريني ڊاڪٽرياڻي جو لاش ميڊيڪل ڪاليج جي ڪمري مان هٿ آيو هو.لاش جي پوسٽ مارٽم ۾ ڊڪٽرياڻي سان لڄالٽ جي تصديق ڪئي وئي جنهن کانپوءِ مختلف اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ڪم ڇڏ هڙتال شروع ڪري ڇڏي ۽ مختلف شهرن وڏي پيماني تي احتجاجي مظاهرا جاري آهن.هن وقت بالي ووڊ سميت ٻين شعبن سان واڳيل شخصيتون انسانيت کي لڄائيندڙ واقعي خلاف سراپا احتجاج آهن، بالي ووڊ اداڪار جان ابراهم به تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران ڀارت ۾ عورتن سان ٿيندڙ زيادتي جي واقعن تي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.جان ابراهم جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ عورتون، ٻار ۽ جانور محفوظ نه آهن، جيڪا انتهائي افسوس جوڳي صورتحال آهي.هن چيو ته ڀارتي مردن کي اِهو سمجهڻ گهرجي ته عورتن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪرڻو آهي اِهو انتهائي اهم آهي، هر عورت لاءِ هڪ ماڻهو کي محافظ هئڻ گهرجي.جان ابراهم چيو ته هو پنهنجي ملڪ سان پيار ڪري ٿو انڪري نظام جي خامين جي نشاندهي ڪرڻ ضروري آهي، حب الوطني ۽ جنگ ۾ فرق هئڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڀارت مهان چوڻ سان ڪو ڀارت جو سڄڻ نه ٿو بڻجي وڃي، جيڪو ڀارت سان محبت ڪري ٿو تنهن کي معاشري ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.