نوابشاهه (بيورورپورٽ) پ پ شھيد ڀٽو جي صوبائي صدر زبير جتوئي ۽ جنرل سيڪريٽري رحيم بخش کوسو چيو آهي ته شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي قتل جا پيرا ھڪ ئي گھر ۾ وڃن ٿا، شھيد بينظير ڀٽو جي قتل کانپوءِ انھن جي حڪومت ٺھي آھي، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو ڪيس اسان ختم ناھي ڪرايو، ھي ڪو عام ماڻھو جو قتل ناھي، پارٽي قيادت مير مرتضيٰ جي قتل جي پوئيواري ڪري رھي آھي، ھنن چيو ته پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ کي اسان عوام دشمن پارٽي سمجھون ٿا، ھنن چيو ته جيڪي آزاد اميدوار بيٺل آھن ۽ انھن ۾ جيڪڏھن سنڌ جي غريب عوام جي خدمت ڪرڻ جو جذبو آھي ته انھن سان اتحاد ڪري سگھجي ٿو.