ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ ( ش ڀ) جي باني چيئرمين  شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جا جوابدار پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايڇ او ڪلفٽن کي جوابدارن تي نوٽيس  تعميل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 13 ڊسمبر تائين فوت ٿيل جوابدارن جي لسٽ به پيش ڪرڻ جي هدايت، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل جي ٻڌڻي دوران جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت اڳوڻي ڊي آءِ جي شعيب سڊل، اڳوڻي پوليس آفيسر واجد دراني سميت 19 جوابدارن کي طلب ڪيو ھو، عدالت ايس ايڇ او ڪلفٽن کي جوابدارن مٿان  نوٽيس  تعميل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي نامزد جوابدارن کي 13 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو، عدالت حڪم ڏنو ته فوت ٿيل جوابدارن جي به تصديق ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت پاران طلب ڪيل جوابدارن ۾ اڳوڻو ڊي آءِ جي ڪراچي شعيب سڊل، اڳوڻو ايس ايس پي ڏکڻ واجد دراني، اڳوڻو آءِ بي چيف مسعود شريف، شاهد حيات، راءِ محمد طاهر، شبير احمد قائمخاني، مسلم شاهه، عبدالباسط، ذاڪر ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته جوابدارن جي لسٽ ۾ ذوالفقار احمد، آغاجميل، غلام مصطفيٰ، احمد خان، راجا حميد، گلزار خان، غلام شبير، ظفراقبال، فيصل حميد به شامل آهن، پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته اڳوڻو پوليس آفيسر شاهد حيات، ذوالفقار احمد، آغا محمد جميل، مسعود شريف، راءِ محمد طاهر، شبير احمد قائمخاني فوت ٿي  چڪا آهن، عدالت چيو ته جيڪي جوابدار فوت ٿي ويا آھن انھن جي تصديق ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، واضح رهي ته 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي سندن گهر ڀرسان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، واقعي کانپوءِ حڪومت ۽ مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد جي مدعيت ۾ 2010ع م ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا ھئا، ڊسمبر 2009 ۾ ماتحت عدالت 20 پوليس آفيسرن کي ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو هو، انھي عدالت شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ساٿين کي به ڪيس مان آجو قرار ڏنو ھو.