ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مير مرتضي’ ڀٽو قتل ڪيس جي اپيلن تي ٻڌڻي دوران  فوت ٿيل جوابدارن بابت رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ايس ايس پي ايسٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جوابدارن جي وڪيل چيو ته اڳوڻو ايس ايس پي واجد دراني ۽ راءِ طاهر بيماري سبب عدالت ۾ پيش نٿا ٿي سگهن، جڏهن ته اڳوڻو ڊي آءَ جي  شعيب سڊل سپريم ڪورٽ پاران ڏنل اسائنمينٽ تي مقرر ٿيل آهي، جنهن تي عدالت چيو ته شعيب سڊل سپريم ڪورٽ جي اسائنمينٽ تي آهي ته ڇا هو عدالت ۾ پيش نه ٿيندو؟ وڪيلن چيو ته ڪيس جا ڪيترائي جوابدار شاهد حيات، شبير  قائمخاني، آغا محمد جميل ۽ مسعود شريف فوت ٿي چڪا آهن،  جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته مرتضي’ ڀٽو قتل ڪيس جون اپيلون 2010ع کان ٻڌڻي هيٺ آهن، عدالت اپيلن تي وڌيڪ ٻڌڻي 7 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته مير مرتضي’ ڀٽو کي 20 سيپٽمبر 1996 ۾ دو تلوار ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ شهيد ڪيو ويو هو، واقعي جا ٻه ڪيس داخل ٿيل آهن.