ڪراچي/ملير (نمائندن وٽان)ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وھاب ابراهيم حيدري جي يوسي تان بنا مقابلي چيئرمين ڪامياب، پي ٽي آءِ اميدوار جميلا بانو بلوچ ھٿ کڻي وئي، جماعت اسلامي پاران يوسي 8 جي اميدوار کي اغوا ڪرائڻ جو الزام، اڄ عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ ميئر برقرار رهڻ لاءِ  6 مهينن ۾ يوسي چيئرمين چونڊرائڻ واري قانوني شرط سبب  بئريسٽر مرتضيٰ وھاب ڪراچي جي 3 يوسيز تي چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي فارم ڀرايا هئا، ملير جي ابراھيم حيدري جي يوسي 8  تي پي ٽي آءِ اميدوار جميلا بانو بلوچ  پاران هٿ کڻڻ بعد مرتضيٰ وھاب بنا مقابلي يوسي چيئرمين ٿي ويو،رات دير سان رٽرننگ آفيسر پاران مرتضيٰ وهاب جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو،  ھوڏانھن جماعت اسلامي يوسي 8 جي اميدوار صابر عباسي کي اغوا ڪرائڻ جو الزام مڙهيندي عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، ان ڏس ۾ جماعت اسلامي جي وڪيل عثمان فاروق جو چوڻ آھي ته اسان جي اميدوار کي اغوا ڪرائي مرتضيٰ وھاب کي کٽرايو ويو آھي، اڄ عدالت سان رابطو ڪيو ويندو، انهي کان اڳ جماعت اسلامي جي اميدوارن مرتضيٰ وهاب جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج  ڪيو هو، جماعت اسلامي جي اميدوارن جو چوڻ هو ته مرتضيٰ وهاب جي ڪياماڙي ۽ ابراهيم حيدري مان نامزدگي ڪاغذن جي منظوري غير قانوني آهي، سندس ٻنهي يوسيز ۾ ووٽ رجسٽرڊ ناهي، مرتضيٰ وهاب جو ووٽ گذري ۾ رجسٽرڊآهي، هو ڪياماڙيءَ ۽ ابراهيم حيدري مان چونڊن ۾ حصو  وٺي نٿو سگهي،