اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سڌسماءَ ۽ پارلياماني مامرن واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ايندڙ عام چونڊن سميت ٻين اهم مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران آزادانه، منصفانه ۽ شفاف چونڊ عمل جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. مرتضيٰ سولنگيءَ جو چوڻ هو ته نگران حڪومت منصفانه ۽ آزاد چونڊن لاءِ پرعزم آهي. اليڪشن ڪميشن پاڪستان کي سمورن ضروري وسيلن ۽ تعاون فراهم ڪنداسين. چونڊ شفاف ۽ قابل اعتماد طريقي سان يقيني بڻائي ويندي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاران آزادانه، منصفانه چونڊن جي انعقاد جي لاءِ حڪومتي عزم جي ساراهه ڪئي.