مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي سميت 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

0
32
مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي سميت 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل
مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي سميت 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

نوشهروفيروز/مورو/ڪنڊيارو (نمائندن وٽان) اڳوڻي وفاقي وزير مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي سميت 9 ڄڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل، خبر موجب محبت ديرو ٿاڻي تي اي ايس آءِ منير جي فرياد تي جتوئي برادري سان تعلق رکندڙ 9 کان وڌيڪ جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير مرتضيٰ جتوئي، مسرور جتوئي، الھڏنو عرف ڏنو، اعظم، سانول، دلنواز عرف دلڙي، صفر، محبوب، ارشاد، طارق ۽ نيڪ محمد جتوئي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي پوليس سان جوابدارن کي وڙھڻ جو چيو، جنھن تي جوابدارن پوليس تي حملو ڪيو، پوليس موجب روپوش جوابدار الھڏتو جتوئي جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپو ھنيو ته جوابدار ڪلاشنڪوف کڻي بيٺو ھو، جنهن دوران مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي جوابدارن کي چيو ته پوليس کان نه ڊڄو، جنهن بعد هنن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني.