ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پوليس کي جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس گهرڀاتين کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالتي اجازت کانسواءِ ڪو نئون ڪيس به داخل نه ٿيندو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ڏکڻ ، ايس ايس پي ڏکڻ کان جواب طلب ڪري ورتو آهي، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي جي ڪراچي  ڊفينس واري بنگلي تي پوليس چڙهائي ۽ گهر ڀاتين کي هراسان ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عقيل احمد عباسي پوليس کي غلام مرتضيٰ جتوئي، سندس زال سميت گهرڀاتين کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ڏکڻ ۽ ايس ايس پي ڏکڻ کان جواب طلب ڪري ورتو، عدالت پوليس کي غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ گهر ڀاتين تي نوان ڪيس به داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، عدالت حڪم ڏيندي چيو ته عدالت کي آگاهه ڪرڻ کانسواءِ غلام مرتضيٰ جتوئي ء سندس گهر ڀاتين خلاف ڪيس داخل نه ڪيو وڃي، درخواست گذار جي وڪيل ارشاد جتوئي عدالت کي ٻڌايو ته پوليس درخواستگذار جي گهرن تي ڇاپا هڻي چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪيو آھي، مٿان وري درخواستگذار کي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هراسان ڪيو پيو وڃي، پوليس کي غلام مرتضيٰ جتوئي کي هراسان ڪرڻ ۽ گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي.