سکر (بيورو رپورٽ) سکر عدالت قتل جي ارادي ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪيس ۾ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي جي  ضمانت ۽ جوڊيشل رمانڊ رد ڪرڻ واري درخواست جي ٻڌڻي دوران ايس ايچ او باگڙجي کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو، ٿرڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ سکر جي عدالت اڳوڻي وفاقي وزير مرتضيٰ جتوئي جي ضمانت ۽ جوڊيشل رمانڊ رد ڪرڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، طلب ڪرڻ تي باگڙجي ٿاڻي جو ايس ايچ او برڪت ڀٽي عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته مرتضيٰ جتوئي جي وڪيل فاروق جتوئي ضمانت واري درخواست تي دليل مڪمل ڪري ورتا، باگڙجي ٿاڻي جي ايس ايچ او طرفان مرتضيٰ جتوئي خلاف داخل ڪيس ۾ پوليس پيپر پيش نه ڪيا، وڪيل موجب عدالت ڪيس متعلق پوليس پيپر جمع نه ڪرائڻ تي ايس ايچ او باگڙجي برڪت ڀٽي کي گرفتار ڪرائي ويهاري ڇڏيو، جنهن بعد سرڪاري وڪيل ۽  پي ڊي ايس پي جي معافي واري درخواست تي گرفتار ڪرايل ايس ايچ او کي آزاد ڪيو ويو، وڪيل فاروق جتوئي موجب عدالت جاچ آفيسر  باگڙجي کي مرتضيٰ جتوئي خلاف ارادهه قتل، ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ پوليس پيپر اڄ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، واضح رهي ته باگڙجي ٿاڻي تي سال 2024 ۾ گناهه نمبر 17 تحت ارادهه قتل ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪيس ۾ مرتضيٰ جتوئي کي جوابدار ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جاچ آفيسر کي عدالت 14 ڏينهن جو جوڊيشل رمانڊ به ڏنو هو.