لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير، نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراهه ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي مٿان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ سندس گهر واري نوين جتوئي طرفان داخل توهين عدالت سميت ٻن پٽيشنن جي گڏيل ٻڌڻي ٿي،هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي ڊبل بئنچ ڪئي، جنهن ۾ بئريسٽر محمد عمر سومرو، ايڊووڪيٽ ارشاد جتوئي، حسيب قاضي، شاهه محمد مزاري، عاقب جتوئي سميت لاڙڪاڻي ضلعي جا پوليس آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته عدالتي حڪم باوجود گهرو کاتي جو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي سکر، سپريٽيڊنٽ نارا جيل حيدرآباد ۽ سرڪل آفيسر اينٽي نوشهروفيروز عدالت ۾ پيش نه ٿيا جنهن تي عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 24 اپريل تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. واضع رهي ته گذريل 27 فيبروري تي غلام مرتضيٰ جتوئي جي گهر واري نوين جتوئي طرفان پنهنجي وڪيلن بئريسٽر محمد عمر سومرو ۽ ٻين معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ توهين عدالت جي پٽيشن داخل ڪرائي.