نوشهرو فيروز/باڊهه(نمائندن وٽان) جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي تي لاڙڪاڻي ضلعي جي باڊهه ۽ ڏوڪري ٿاڻن تي ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ پوليس مقابلن جا 2 ڪيس ظاهر، نوشهرو فيروز جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت پيش، جيل منتقل، جي ڊي اي اڳواڻ چيو آهي ته ڪيسن کان ڊڄڻ وارو ناهيان، خبر موجب جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي جنهن کي ھڪ ڏينھن اڳ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز جي مک دروازي کان دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نوشهروفيروز پاران جاري ڪيل غير ضمانتي گرفتاري وارنٽ تي گرفتار ڪيو ويو هو، کيس نوابشاهه جي بي سيڪشن پوليس اسٽيشن ۾ ھڪ رات ٿاڻي ۾ رکڻ بعد دهشتگردي جي خاتمي واري نوشهروفيروز جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، غلام مرتضيٰ جتوئي تي عام چونڊن دوران مورو جي علي بخش سولنگي پولنگ اسٽيشن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪن بلاول زرداري جي قتل جو ڪيس داخل آهي، مرتضيٰ جتوئي، سينيئر سياستدان، جي ڊي اي اڳواڻ ۽ مختلف حڪومتن ۾ وفاقي وزير رھڻ باوجود کيس ڦل ٿاڻي تي آڻي اتان ھٿڪڙيون ھڻي بڪتر بند گاڏي ۾ عدالت آندو ويو. عدالت جي جج مرتضيٰ جتوئي کي ھٿڪڙيون ھڻڻ تان پوليس تي ناراضگي جو اظھار ڪندي ھٿڪڙيون لھرائي ڇڏيون، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٽن ڪلاڪن جي وقفي کانپوءِ ايندڙ تاريخ 20 فيبروري مقرر ڪندي مرتضيٰ جتوئي کي ٻن ڏينھن لاءِ جيل ڪسٽڊي جو حڪم ڏيندي چيو ته کيس جيل ڪسٽڊي سان گڏ سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو وڃي، جنھن بعد مرتضيٰ جتوئي کي پھريان جيل ۽ بعد ۾ سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن مرتضيٰ جتوئي خلاف لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻن ٿاڻن باڊھه ۽ ڏوڪري تي ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ پوليس مقابلن جا ڌار ڌار 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته 3 ڏينهن اڳ ڏوهارين سان مبينا پوليس مقابلي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جي ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي ڌار ڌار داخل ڪيل ايف آءِ آرز ۾ جاچ ٽيم اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي جو نالو کوليو آهي، جڏهن ته سندس گرفتاري لاءِ گذريل ڏينهن ڏوڪري ايس ايچ او احمد علي اوڍو ۽ باڊهه ايس ايچ او ابراهيم بروهي پوليس نفري ساڻ ڪري نوشهروفيروز ويل هئا، ٻئي واسي جتوئي خاندان جي ذريعن جو چوڻ آهي ته رات دير سان مرتضيٰ جتوئي کي حيدرآباد جي نارا جيل منتقل ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري خلاف مظاهرا
ملير/لاڙڪاڻو/سڪرنڊ(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري خلاف سياسي پارٽين ۽ جتوئي برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، ڪراچي ملير ۾ آل جتوئي ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران احسان الله جتوئي، ايڊووڪيٽ غلام اڪبر جتوئي، علي جتوئي، سراج احمد، ديدار علي جتوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ نيشنل پيپلز پارٽي، سنڌ آبادگار بورڊ، آل جتوئي ويلفيئر ايسوسئيشن طرفان عرفان جتوئي، قادر بخش ڀٽي، ڊاڪٽر مظهر مغل، عبدالواحد جتوئي،مختيار جتوئي مجاهد جتوئي، عبدالرزاق جتوئي، افسر علي جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، سڪرنڊ ۾ ايس يو پي ۽ جتوئي برادري پاران فلڪ شير اوڏ، قاسم سومرو، سيد جمن شاهه، جتوئي اتحاد جي مسرور جتوئي، راجا جتوئي، وزير جتوئي، مينهون جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن چيو ته مرتضيٰ جتوئي کي جعلي چونڊن ۽ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنالن ڪڍڻ خلاف جدوجهد ڪرڻ تي اسياسي انتقام جو نشانو بڻائي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن عمل جي اسين سخت مذمت ڪندي مطالبو ٿا ڪيون ته جلد کان جلد غلام مرتضيٰ جتوئي کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
مرتضيٰ جتوئي عدالتي حڪم تي گرفتار ٿيو، انتقام ناهي: لنجار
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري واري معاملو، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جو موقف سامهون اچي ويو، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار موقف اختيار ڪندي چيو ته مرتضيٰ جتوئي کي عدالتي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو، سندس خلاف قتل جو ڪيس نگران حڪومت ۾ داخل ٿيو هو، نوشهرو فيروز ضلعي ۾ هڪ بيگناهه شخص بلاول زرداري جو قتل ٿيو، مقتول جي وارثن ايف آءِ آر داخل ڪرائي، وارثن مرتضيٰ جتوئي خلاف بيان ڏنو ۽ مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري عدالتي حڪمن تي ٿي، جيستائين مرتضيٰ جتوئي ضمانت تي هو، پوليس سندس خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت سندس ضمانت رد ڪري ڇڏي هئي، معزز عدالت جي حڪم تي ٿيندڙ گرفتاري کي انتقامي ڪارروائي ۾ ڪيئن شمار ڪري سگهجي ٿو؟ حڪومت عدالت جي حڪم تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي، گهرو وزير وڌيڪ چيو ته مرتضيٰ جتوئي ڪيس کي انتقامي ڪارروائي چوندڙ عوام کي گمراھ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، جتوئي خاندان خلاف ڪيتريون ئي اليڪشنز ٿيون پر پيپلز پارٽي ڪڏهن به سياسي انتقامي ڪارروائي نه ڪئي، گهرو وزير چيو ته جڏهن مرتضيٰ جتوئي جو پيءُ نگران وزيراعظم هو، تڏهن صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن تي بي بنياد ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، انهن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو هو، ان عرصي ۾ آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي قيد جون سختيون برداشت ڪرڻيون پيون.
مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري پ پ جو سياسي انتقام آهي: قادر مگسي
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته سينيئر سياستدان اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي جي ضمانت ٿيڻ باوجود گرفتاري قابل مذمت آھي. ھن کي اسان سياسي انتقامي ڪارروائي سمجهون ٿا. پ پ پ مخالفن کي انتقامي ڪارروائين جي ذريعي هيسايو پيو وڃي. هن چيو ته غلام مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري جمهوريت جي دعويداري کي رد ڪري ٿي ۽ آمريتي روايت جو ثبوت ڏئي ٿي ھن چيو ته فوري طور غلام مرتضيٰ جتوئي کي آزاد ڪيو وڃي ۽ مٿس داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.