مورو(ن پ ا) سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي منع باوجود دادو جي اميناڻي ٿاڻي جي پوليس دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چالان پيش ڪندي اين پي پي سربراهه مرتضيٰ جتوئي کي روپورش ڄاڻائي ڇڏيو، وڪيل عبدالله ڪورائي نوشهروفيروز اي ٽي سي مان 50 ھزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ عيوض ضمانت منظور ڪرائي ورتي، جڏھن ته ايندڙ ٻڌڻي 5 مئي تي رکي وئي آھي، ايڊووڪيٽ عبدالله ڪورائي ٻڌايو ته مرتضيٰ جتوئي تي نارا جيل ۾ ھجڻ دوران پوليس مقابلي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ پوليس ڄاڻايو ھو ته مرتضيٰ جتوئي جيل مان حڪم نامو جاري ڪيو ھو ته پوليس سان مقابلو ڪيو وڃي، جنھن ڪيس ۾ دادو واسي غلام مصطفيٰ جتوئي گرفتار ڪيو ويو ھو، جنھن جي ضمانت پڻ ڪرائي وئي پر جيل مان نڪرڻ وقت ٻيھر گرفتار ڪري ٻيا ڪيس داخل ڪيا ويا، هن چيو ته معلوم ناھي پوليس ڪنھن جي چوڻ تي عدالتن کان مٿانهون قدم کڻي رھي آھي.