سکر/مورو/خيرپور/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳواڻي وفاقي وزير مرتضيٰ جتوئي جي 3 ڪيسن ۾ ضمانت منظور، عدالت سندس آزادي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو، باگڙجي ۾ وڌيڪ هڪ ڪيس ظاهر ڪرڻ سبب کيس آزادي نه ملي سگهي، 14 ڏينهن جو رمانڊ ورتو ويو، خبر موجب اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي مٿان ڏوڪري، باڊهه ۽ هنڱورجا ۾ داخل ڊيوٽي اٽڪاءُ جي ٻن ۽ هڪ پوليس مقابلي ۽ ڦر جي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي، وڪيلن مجاهد علي جتوئي ۽ ارشاد جتوئي طرفان لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج راشد دايو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جيڪا عدالت منظور ڪئي، اهڙي درخواست جي ٻڌڻي تي عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ٻنهي ڪيسن ۾ غلام مرتضيٰ جتوئي جي 50، 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض پڪي ضمانت منظور ڪري ورتي، هوڏانهن مرتضيٰ جتوئيءَ خلاف هنڱورجا ٿاڻي تي داخل ڦر ۽ مقابلي واري ڪيس ۾ خيرپور جي  عدالت سندس ضمانت منظور ڪري ورتي، هنڱورجا ٿاڻي تي داخل ڦر ۽ پوليس مقابلي واري ڪيس ۾ هڪ لک رپين جي مچڪلن عيوض خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد اختر حسين شاهه جي عدالت ضمانت منظور ڪري ورتي، هوڏانهن جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي مٿان باگڙجي ٿاڻي تي وڌيڪ هڪ ڪيس ظاهر ڪيو ويو، آڪٽوبر 2024ع ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ نامعلوم ڄاڻايل جوابدارن ۾ غلام مرتضيٰ جتوئي جو نالو نامزد ڪيو ويو آهي، اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ايس ايچ او باگڙجي سکر جي سيڪنڊ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ٿي استدعا ڪئي ته مرتضيٰ جتوئي جو باگڙجي ٿاڻي جي گناهه نمبر 2024/17 ڪيس ۾ جاچ لاءِ 14 ڏينهن جو جوڊيشل رمانڊ ڏنو وڃي، جنهن تي عدالت جوڊيشل رمانڊ واري استدعا منظور ڪندي 09 مارچ 2025ع تائين جوڊيشل رمانڊ منظور ڪري ورتو ۽ جيل سپريٽينڊنٽ نارا حيدرآباد کي جاچ آفيسرن سان مڪمل تعاون ڪرڻ جو حڪم ڏنو، باگڙجي ٿاڻي تي مرتضيٰ جتوئي مٿان گناهه نمبر 2024/17، قلم 324 (قتل جو ارادو) 109 (چرچ) 2/506 (موتمار ڌمڪيون) 148، 149 پي پي سي هٿيارن سان هنگامو ڪرڻ جي قلمن هيٺ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، باگڙجي ٿاڻي تي پنوعاقل جي رهواسي محمد قاسم انڍڙ جي فرياد تي 21 آڪٽوبر 2024ع تي ٽن نامزد ۽ ٽن نامعلوم جوابدارن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي هئي، ايف آءِ آر ۾ مرتضيٰ جتوئي جو ڪو به ذڪر نه هو، ذريعن موجب پوليس نامعلوم جوابدارن مان غلام مرتضيٰ جتوئي جو نالو ظاهر ڪيو آهي، عدالتن پاران سمورن ڪيسن ۾ ضمانتون منظور ٿيڻ بعد نارا جيل حيدرآباد کي سندس آزادي جو ليٽر حوالي ڪيو ويو پر جي ڊي اي اڳواڻ کي آزاد نه ڪيو ويو. دير سان باگڙجي ٿاڻي جي ڪيس ۾ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو سکر باگڙجي پوليس جي سب انسپيڪٽر لطف ﷲ ڊريهو جي درخواست تي مرتضي خان جتوئي کي 14 ڏينهن جي “عدالتي ريمانڊ” تي ڏئي ڇڏيو. هو 24 فيبروري 2025 کان 9 مارچ 2025 عدالتي حراست هيٺ جيل ۾ رهندو. پر ان ۾ ضمانت ممڪن آهي.

مرتضيٰ جتوئي کي اسپتال مان نارا جيل منتقل ڪيو ويو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي کي اسپتال مان نارا جيل منتقل ڪيو ويو آهي. عدالتن پاران ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿيڻ جي باوجود کيس آزاد ڪرڻ بدران جيل منتقل ڪيو ويو. مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري نوين جتوئي ضمانت تي آزادي جا آرڊر جيل اختيارين کي پهچايا، آرڊر ملڻ باوجود مرتضيٰ جتوئي آزاد نه ٿيو.

دنيا کي ڏسڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ انصاف ناهي: نوين جتوئي

مورو: مرتضيٰ جتوئي جي گھر واري نوين جتوئي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪارو قانون ھلي رھيو آھي، دنيا جي ماڻهن کي اهو ڏسڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ انصاف نالي ڪا شئي موجود ناھي، نوين جتوئي چيو ته نيشنل پيپلز پارٽي چيئرمين ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف هڪ نئون ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري جيل انتظاميا کيس آزاد نه ڪيو، هن چيو ته اسان ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناهيون هر تڪليف برداشت ڪنداسين پر ڪڏهن به نه جهڪنداسين.

ڪارڪنن مرتضيٰ جتوئي جي استقبال جون تياريون ڪيون هيون

مورو: جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي جي آزادي واري امڪان سبب نوان جتوئي سميت آس پاس وارن علائقن ۾ اين پي پي ڪارڪنن ۽ جتوئي برادري جي مانهن استقبال جون تياريون پڻ ڪيون پر هو آزاد نه ٿي سگهيو جنهن ڪري ڪارڪن مايوس ٿي واپس روانا ٿي ويا.

باگڙجي ۾ ڪيس ظاهر ٿيڻ سبب مرتضيٰ جتوئي آزاد نه ٿيو: وڪيل عبدالله ڪورائي

مورو: مرتضيٰ جتوئي جي ليگل ايڊوائيزر ايڊووڪيٽ عبدالله ڪورائي چيو ته مرتضيٰ  جتوئي تي باگڙجي ۾ نئون ڪيس ظاهر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سکر ۾ داخل ڪيس کانپوءِ 14 ڏينھن جو رمانڊ ورتو ويو آھي، ڪيس مٿان ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، اسان ھر ڪيس کي قانون موجب منھن ڏينداسين.

حڪمران ڪيس ظاھر ڪري ڇا ٿا سامھون آڻڻ چاھين: مسرور جتوئي

مورو: مرتضيٰ خان جتوئي جي ڀاءُ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مسرور جتوئي نارا جيل ٻاھران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان عدليه تي يقين رکون ٿا، جنھن سمورن ڪيسن ۾ ضمانت ڏني پر ان جي باوجود مرتضيٰ جتوئي کي آزاد نه ڪيو ويو، هن چيو ته سکر ۾ وڌيڪ هڪ هٿ ٺوڪيو ڪيس مڙهي سندس آزادي کي روڪيو ويو آهي، هن چيو ته حڪمران ڪيسن پويان ڪيس ظاھر ڪري خبر ناھي ڇا سامھون آڻڻ پيا چاھين، ھن چيو ته اسان جي ڊي اي جو اڄ ھنگامي اجلاس طلب ڪرايو آھي، جڏهن ته اسان جي وڪيلن جي ٽيم توھين عدالت جي درخواست داخل ڪرائيندا، جتوئي خاندان سان بنا جواز ظلم ۽ زيادتيون ڪيون پيون وڃن.