ملير(رپورٽر)  پ پ ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ چيو آهي ته منهنجي والد پنهنجي زندگي ۾ عوام جي خدمت ڪئي، هن عوام سان لاڳاپيل مسئلن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي، هو انسان دوست ۽ نفيس طبيعت جو مالڪ هو، گڏاپ جي فقير محمد ڳوٺ ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ ملير جي اڳوڻي  صدر شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جي ٽئين ورسي واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شهيد بابا سڄي ڄمار پيپلزپارٽي سان جڙيل رهيو، منهنجي ڪوشش آهي ته آئون پنهنجي شهيد بابا جي ڏسيل واٽ تي هلي سندس ڇڏيل مشن کي مڪمل ڪريان، ورسي تقريب ۾ مفتي اعظم سنڌ مفتي محمد جان نعيمي خصوصي دعا ڪرائي. تقريب ۾ صوبائي وزير ساجد جوکيو، ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، خاص معاون جاويد ناياب لغاري، حبيب جنيدي، پ پ ضلعي ملير جي صدر سلمان عبدالله مراد، ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، ضلعي ڪائونسل جي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو، سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي