ڪراچي (م ڊ) مراڪش ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، فوت ٿيلن جو انگ 1037 ٿي ويو، 12 سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، زلزلي سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ گهر، مسجدون ۽ ڪاروباري مرڪز ڊهي پٽ پئجي ويا،  آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب مراڪش جي اولهندي علائقي  ۾ آيل زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 8 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو  مرڪز مراڪش شهر کان 75 ڪلوميٽر پري اطلس جو پهاڙي سلسلو هو، زلزلي جي اونهائي  ساڍا 18 ڪلوميٽر  هئي، زلزلي سبب ڪري پيل عمارتن جي ملبي ۾ ڪيترائي ماڻهو دٻيل آهن، ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جاري آهي، مراڪش ۾ زلزلو ڪالهه شام آيو هو. هوڏانهن مراڪش جي پاڙيسري ملڪ الجيريا ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.