مراد علي شاهه  پاران مهانگائي ۽ اٽو ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم

0
54

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه  مهانگائي ۽ اٽو ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

عام واهپي جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول بابت  روزانو جي بنياد تي جاچ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي

پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته ڊپٽي ڪمشنرز پنهنجن ضلعن ۾ شين جي اگهن جي نگراني  ڪن،  پرائس ڪنٽرول جي لاءِ  خاص فورس جوڙي وڃي، بيورو آف سپلائي اينڊ پرائسز ڊپارٽمينٽ کي مڪمل طور فعال رکيو وڃي

هن چيو ته  دڪانن، اسٽالز، بازارن ۾  پرائس لسٽ فراهم ڪئي وڃي، آئون پاڻ مارڪيٽن ۾ ڀاڄين  ۽ فروٽ جي اگهن جون لسٽون چيڪ ڪندس