حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ  جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران اليڪشن ڪميشن کي جمع ڪرايل اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن،  جمع ڪرايل  اثاثن موجب هلندڙ سال مراد علي شاهه وٽ 24 ڪروڙ 75 لک 88 هزار 470 روپين جا اثاثا موجود آهن جڏهن ته وٽس گذريل ڀيري 35 ڪروڙ 16 لک 21 هزار 987 رپين جا اثاثا هئا ۽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري وٽ 10 ڪروڙ رپيا ملڪيت گهٽ ٿي آهي، جڏهن ته هن هڪ ڪروڙ 75 لک رپين جي ماليت جا اثاثا گفٽ ڪيا آهن مراد علي شاهه پاران ظاهر ڪيل اثاثن موجب کيس 51 ايڪڙ زمين والد پاران ڏني وئي ۽ هن ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ پنهنجو گهر پڻ ظاهر ڪيو آهي جنهن جي ماليت هڪ ڪروڙ 15 لک رپيا ڄاڻائي آهي دستاويزن موجب اڳوڻي وڏي وزير وٽ هڪ ڪروڙ 42 لک رپين جون 2 گاڏيون به موجود آهن سندس والده پاران زال کي ڏنل 100 تولا سون به اثاثن ۾ شامل آهي اڳوڻي وڏي وزير وٽ بينڪ الاحبيب ۾ 17 لک 67 هزار 135 رپيا سنڌ بئنڪ ۾ 5 لک 2 هزار 112 رپيا موجود آهن اهڙي ريت سنڌ بئنڪ جي ٻي برانچ ۾ 4 ڪروڙ 54 لک 46 هزار 637 رپيا به موجود آهن بينڪ الحبيب جي ٻي برانچ ۾ 8 ڪروڙ رپيا ظاهر ڪيا ۽ ٻي برانچ ۾ 4 ڪروڙ 43 لک 89 هزار 969 رپيا ظاهر ڪيا آهن مراد علي شاهه   سال 2022-23 ۾ هڪ ڪروڙ 22 لک 66 هزار 676 رپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪيو جڏهن ته هن سال 2022-23 ۾ 80 لک 45 هزار 71 روپين جو ايگريڪلچر ٽيڪس به ادا ڪيو آهي