لاهور(م ڊ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب هڪ سال ۾ هارين کي تاريخي پيڪيج ڏنو، سنڌ حڪومت پنهنجي 16 سالن جي ڪارڪردگي ٻڌائي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي پريس ڪانفرنس تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري سوال اٿاري ڇڏيا، هن چيو ته مراد علي شاهه کي سنڌ جي هارين کان وڌيڪ پنجاب جي هارين جي فڪر آهي.عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب جي هارين جي فڪر ڪرڻ لاءِ پنجاب جا وارث پاڻ موجود آهن، ڇا سنڌ ۾ هاري نه آهن؟ ڇا سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي قيمت مقرر ڪئي آهي؟ هن وڌيڪ سوال اٿاريو ته ڇا سنڌ حڪومت هارين کان ڪڻڪ خريد ڪئي آهي. هن چيو ته مراد علي شاهه ۽ ان جي پارٽي گذريل 16 سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪري رهي آهي، هاڻ انهن کي پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌائڻ گهرجي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز هڪ سال ۾ پنجاب جي هارين کي 10 ارب روپين جو تاريخي پيڪيج ڏنو آهي