اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت جي ايڊمنسٽريٽو جج محمد بشير جي عدالت نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعليٰ مراد علي شاهه کي طلب ڪري ورتو، گذريل ڏينهن به قومي احتساب بيورو پاران آندل ريفرنسز جي جاچ پڙتال جو عمل جاري رهيو، مراد شاهه خلاف نوري آباد ريفرنس به ٻڌڻي لاءِ احتساب عدالت کي موڪليو ويو، عدالت مراد علي شاهه کي 26 آڪٽوبر تي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو.