اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ لطيف کوسه چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ هلندڙ مهيني ئي آزاد ٿيندو، حڪومت جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيندي هن چيو ته ڪير ڪجهه به چئي باني کي آزاد ڪري رهنداسين، ان دوران فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته مراد سعيد احتجاج ۾ آيو ته عمران ۽ فيض حميد کي ڪير بچائي نه سگهندو. پي ٽي آءِ ڌڙابندي جو شڪار ٿي وئي، هڪ ايم پي اي 50 ماڻهو به آندا ته آئون سلام ڪندس. باني پي ٽي آءِ طرفان هي آخري ڪال آهي، ان کانپوءِ فيز سيڪنڊ لاسٽ ۽ ان کانپوءِ ايندڙ فيز لاسٽ هوندو.