راڻيپور(ن پ ا) راڻيپور پوليس پيار جي پرڻو ڪندڙ احسان بروھي مسڪان شيخ جي عيوضي ۾ گرفتار ٿيل پوليس تشدد ۾ فوت ٿيل مامي شاھ مراد بروھي جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن تي  وارثن بي اعتمادي ظاھر ڪري ڇڏي آھي  مقتول شاھمراد بروهي جي ڀاءُ گل مير بروهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته راڻيپور اسپتال جي ايم ايس هڪ رٽائر ڊاڪٽر ايم ايس آھي جنھن تي ڪو به  اعتماد ناھي، جيڪو ڳري رشوت وٺي منهنجي ڀاءُ جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ خراب ڪرڻ چاهي ٿو، اسان کي پوسٽ مارٽم رپورٽ نٿي ڏني وڃي اسان کي خدشو آھي ته شاھ مراد جو خون لوڙھڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اسان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر کان مطالبو ٿا ڪريون اسان جي ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي جڏھن ته ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو پاران اڳوڻي ايس ايڇ او انور ابڙو تي ڪيس داخل ٿيڻ کانپوء کيس هٽائي نئون ايس ايڇ او جهانگير خان مهر کي مقرر ڪري ڇڏيو آھي ايس ايڇ او راڻيپور جهانگير خان مهر چارج وٺڻ بعد ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.