ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر مزدور جو گھٽ ۾ گهٽ اجورو 32 هزار رپيا مقرر ڪرڻ بابت حتمي منظوري لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي سمري اماڻڻ  ۽ ليبر کاتي کي لاڳاپيل ڊائريڪٽوريٽ فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي  ته جيئن صنعتي يونٽن ۾ پورھيتن سان پگهارن، ريگيولر ڪرڻ ۽ رٽائرمينٽ جي حوالي سان امتيازي سلوڪ کي ختم ڪري سگهجي. هن اهڙواظهار پائلر جي سربراهه ڪرامت علي جي اڳواڻي  ۾ 29 رڪني وفد سان ملاقات ۾ ڪيو، ملاقات ۾  ليبر کاتي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اڳوڻي حڪومت پورهيتن جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 32 هزار ڪرڻ  جو رڳو اسيمبليءَ جي فلور تي اعلان ڪيو ھو، لاڳاپيل فورم کان انهي جي حتمي منظوري نه ورتي وئي هئي، جنهن تي نگران وڏي وزير کيس جلد سمري اماڻڻ جي هدايت ڪئي، پائلر وفد ٻڌايو ته عورت پورھيت کي مرد مزدورن جي ڀيٽ ۾ گهٽ پگهار ڏني ويندي آهي، 42 کان 45 ورھين جي عورت ورڪر کي صنعتن خاص طور تي ٽيڪسٽائل سيڪٽر ۾ پيرسن قرار ڏئي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويندو آھي يا ملازمت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويندو آھي. جسٽس (ر) مقبول باقر انهي شڪايت جو نوٽيس وٺي  ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته اهو  اهڙي غير انساني تعصب جي خاتمي لاءِ ضروري انتظامي اپاءَ وٺي هن چيو ته سينيئر ورڪر خاص طور تي عورت صنعتي يونٽن جو اثاثو ثابت ٿئي ٿي، سندس تجربي مان فائدو کڻڻ گهرجي. نگران وڏي وزير ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته سمورن صنعتي يونٽن جي انسپيڪشن شروع ڪئي وڃي، انهن جي ريڪارڊ، پورھيتن جي انگ، ادا ڪيل پگهار جي رقم ۽ اتي ڪم ڪندڙ پورھيتن لاءِ ڪنھن به واقعي واري صورتحال ۾ طبي امداد ۽ حفاظتي اپائن جي چڪاس ڪئي وڃي، اها رپورٽ سي ايم سيڪريٽريٽ کي پيش ڪئي وڃي. ملاقات ۾ ليبر سيڪريٽري چيو ته سندس کاتي ۾ آفيسرن جي کوٽ آهي، اسان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي گذريل سال ريڪيوزيشن موڪلي هئي. جنهن تي نگران وڏي وزير  پنهنجي پرسنل سيڪريٽري حسن نقوي کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين کي آفيسرن جي چونڊ لاءِ نوٽ موڪلي. جسٽس (ر) مقبول باقر ليبر ڪورٽس ۾ اسٽاف جي کوٽ کي ختم ڪرڻ جي پڻ ھدايت جاري ڪئي. پورھيت اڳواڻن شڪايت ڪئي ته سيسي وٽ رجسٽرڊ ٿيل مزدورن جو انگ اي او بي آءِ وٽ رجسٽرڊ ٿيل مزدورن کان گهٽ آهي. جنهن تي نگران وڏي وزير ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته سيسي ورڪرن جي ڊيٽا کي اي او بي آءِ سان ڳنڍي کيس رپورٽ ڏني وڃي. نگران وڏي وزير ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته مزدورن جي بهتري لاءِ ليبر قانونن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ريفارمز ڪاميٽي جوڙي وڃي. جنهن ۾ پورھيتن، ايمپلائرز فيڊريشن، وڪيلن جا نمائندا پڻ شامل ڪيا وڃن