ماضيءَ ۾ دنيا جا حڪمران ۽ مذهبي پيشوا، مذهب کي پنهنجي ذاتي مفادن ۽ طاقت جي مظاهري خاطر استعمال ڪندا هئا. يورپ جي وچينءَ دور ۾ مذهب جي نالي تي هزارين ماڻهن کي موت جو کاڄ بڻايو ويو. پادري پنهنجي سازشن سان عورت کي ڏانئڻ جو الزام مڙهي، باهه ۾ زنده اڇلائي ساڙي ڇڏيندا هئا. ڪو ماڻهو جيڪڏهن وڏي وقت کان علالت جي ڪري، موت جي بستري تي هوندو هو ته پادرين طرفان هُن تي شيطان جي پاڇي جو الزام هڻي ڏنڀ ڏيئي يا ڦيڻا پڙهي، پئسو ڪمايو ويندو هو. جيڪڏهن موت جي بستري تي پيل ماڻهو ڪنهن حڪيم جي علاج کانپوءِ چاق چوبند ٿي ويندو هو ته اُن حڪيم کي جادوگر چئي قتل ڪيو ويندو هو. بادشاهَه جنگ جي ميدان ۾ هزارين ماڻهن جو خون وهائي پنهنجي رعيت ۾ طاقت ۽ استبداد جو مظاهرو ڪندا هئا. مذهبي ٺيڪيدارن وٽ جنگي فن ته هو ڪونه پر مذهب کين طاقت ضرور ڏني هئي. مذهبي ٺيڪيدار ٻيو ڪو رستو نه ڏسي نيٺ اهڙين فتوائن، الزامن ۽ بيگناهه ماڻهن جي قتل سان پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندا هئا. جديد دنيا ۾ هاڻ مذهبي ٺيڪيدار پنهنجي اڳوڻي طاقت ته وڃائي ويٺا آهن ۽ انهيءَ احساس ڪمتري ۾ ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي ٻرن مان نڪري وڃايل طاقت کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش به ڪن ٿا پر سندن نصيب ۾ خواري ۽ رسوائي کانسواءِ ٻيو ڪجهه پلئُه نه ٿو پوي.
ويجهڙ جي تاريخ ۾ پاڪستان اندر جهڙي ريت ماڻهن جي مذهب سان حساس رشتي جو ناجائز فائدو ورتو ويو آهي، اهڙو مثال دنيا ۾ ملڻ ڏکيو آهي. مذهبي اڳواڻن ۽ حڪمرانن جي ڳٺجوڙ سان، انتهاپسندي کي هٿي ڏيئي ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ پکيڙيو ويو. دنيا ۾ گھڻي ئي ذلت ۽ رسوائي کانپوءِ به اسان جي حڪمرانن جو رويو بدليو ڪونهي. هن وقت انٽرنيٽ خلاف حڪومتي ڪريڪ ڊائون هلندڙ آهي. انهيءَ دوران اوچتو اسلامي نظرياتي ڪائونسل به طشت از بام ٿي اعلان ڪيو آهي ته وي پي اين جو استعمال غير شرعي آهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل هڪ آئيني ادارو آهي، جيڪو پارليامينٽ ۾ قانونسازي متعلق ميمبرن کي شرعي حد بندين کان آگاه ڪري صلاح مشورو ڏئي ٿو. ملڪ کي درپيش هزارين مسئلن کان ڪن لاٽار ڪري، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سُئي اچي فقط وي پي اين تي اٽڪي آهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل اهڙي فرمائشي فتوا سان نه رڳو پنهنجي ساک وڃائي آهي پر گڏوگڏ، ماڻهن جي جذبن کي پڻ مجروح ڪيو آهي.
1965ع ۾ پاڪستان جي صدارتي اليڪشن لاءِ ايوب خان ۽ فاطمه جناح هڪٻئيءَ جي سامهون بيٺا هئا. ايوب خان، فاطمه جناح جي مقبوليت کان ڊنل هو، تنهنڪري هُن خلاف مختلف سازشن ۾ مصروف ٿي ويو. انهيءَ دوران اوچتو اسلامي نظرياتي ڪائونسل به فاطمه جناح خلاف فتوا جاري ڪئي ته عورت جو ملڪي سربراهه ٿيڻ غير شرعي آهي. فتوا پويان ايوب خان جو ئي لڪل هٿ هو. نتيجي طور مذهبي ذهنيت رکندڙ ماڻهو، فاطمه جناح جي سامهون ديوار ٿي بيهي رهيا ۽ هو اليڪشن هارائي وئي. 2013ع ۾ ساڳي ڪائونسل هڪ فيصلو جاري ڪيو ته زيادتي جي مقدمن ۾ ڊي اين اي رپورٽ، بنيادي نه بلڪه ثانوي ثبوت جي حيثيت رکي ٿي، جنهن جي ردعمل ۾ مختلف حلقن اندر ڪائونسل خلاف گھڻا ئي سوال اٿاريا ويا. ان کانسواءِ مولانا محمد خان شيراني جي سربراهي دوران ڪائونسل، ٻيءَ شادي ڪرڻ لاءِ مڙس جو پهرين زال کان اجازت وٺڻ واري قانون خلاف پڻ حڪومت کي لکندي رهي. انهن سرمائيدارن خلاف ڪا به فتوا جاري نٿي ڪئي وڃي، جيڪي مذهب جي نالي تي ناجائز نفعو ڪمائين ٿا. اسلام وياج، اجاره داري، هڪ هٽي ۽ ناجائز نفعو ڪمائڻ کان سخت منع ڪري ٿو. مختلف ڪمپنيون، پنهنجي وکر جي تيز وڪري ۽ ٻين ڪمپنين کان گوءِ کڻڻ لاءِ مارڪيٽنگ جا نت نوان طريقا ڳولڻ ۾ مصروف آهن. انهن مارڪيٽنگ جي طريقن مان هڪ طريقو مذهب جو استعمال پڻ آهي. گھڻين ڪمپنين مذهب جي نالي تي به ڪمائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جيئن ته ڪولا جي ڪمپني ڪجهه مخصوص علائقن ۾ مقدس نالن سان مشروبات وڪرو ڪري پئي جهڙوڪر مڪا ڪولا، مدينا ڪولا، زم زم ڪولا. چئه مقدس ڪولا شربت پيو ته اوهان لاءِ جنت جي رستو بلڪل آسان ٿي پوندو! آخر اهي صاحب فتوا علماء اُتي خاموش ڇو آهن؟ انهن جو مختلف بيمارين طرف رويو به افسوس جھڙو آهي. ايڊز جي بيماري جڏهن دريافت ٿي هئي ته دنيا جي فتواباز برگيڊ الزام لڳائڻ شروع ڪيا ته اها بيماري خدا طرفان گناهگارن لاءِ هڪ سزا طور نازل ٿي آهي. وقت سان گڏ ثابت ٿيو ته ايڊر ته ننڍي ٻار کي به ٿي سگهي ٿي، جنهن متاثر ماءُ جو کير پيتو هوندو يا ڪنهن نيڪ سيرت شخص کي به ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن هن متاثر شخص جي رت جو عطيي ورتو هجي يا انجيڪشن لڳرائي هجي. اهڙي صورتحال ۾ اُن معصوم ٻار ۽ نيڪ سيرت شخص جو ڀلا ڪهڙو ڏوهه. ماضي جي انهن غلطين کي مڃڻ وقت انهن جا چپ سبجيو وڃن.
اسلام ۾ روزي جي گھڻن ئي مقصدن مان هڪ مقصد بُک جي احساس کي محسوس ڪرڻ به آهي. سڄي دنيا ۾ تقريبن رمضان جو سڄو مهينو، ڏينهن جي وقت روزو رکي روزيدار بک ۾ گذارن ٿا ۽ افطاري جي وقت قسمين قسمين جا طعام کائي، عمومن عام ڏينهنَ کان به وڌيڪ کاڌو کايو وڃن ٿا. رمضان جو مهينو جيڪو بُک جي قدر ڪرڻ جو مهينو هجي ٿو تنهن کي اُهي عيش جو مهينو بڻايو ڇڏين. اسان جي نبي صلعم ته اهڙو ڪوبه طريقو نه اپنايو هو. نبي سائين ته سحري توڙي افطاري، کجور سان ڪندا هئا. رمضان جو مهينو، ڪاروباري مذهبي ماڻهن لاءِ ڄڻ سونهري مهينو بڻجيو وڃي ٿو. 100 روپئي جي شئي 300 روپين ۾ وڪامجڻ لڳي ٿي. انهن عالمن اهڙن عملن تي ته ڪڏهن به ڪا فتوا نه ڏني آهي. اسلام ۾ شادي جي رسم تمام سادي آهي پر اسان وٽ شادين جي پروگرامن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته همراهه ڪيترو سُکيو ستابو، امير يا غريب آهي. مسلم دنيا ۾ ڪروڙين رپيا رڳو شادي تي خرچ ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته ٻيءَ پاسي غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ دنيا جي ڪروڙين ماڻهن کي هڪ ويلو ماني به مشڪل سان نصيب ٿي ٿئي. چئه الله سڀ ڪجهه ڏنو آهي، پٽ به هڪڙو آهي سو شادي وڏي شاهاڻي انداز ۾ ڪندس! پنجاب طرفان سنڌ ۽ بلوچستان جي مسلمان ڀائرن خلاف سازشون عروج تي آهن. سنڌ جي حصي جو پاڻي چورايو پيو وڃي، قومي وسيلن ۽ زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جبري گمشدگيون جاري آهن. چئه: پنجاب ۾ به مسلمان ڀائرن ئي رهن ٿا، جيڪڏهن ڪجهه پاڻي کنيو ته ڇا ٿيو!
وي پي اين کانسواءِ ملڪ جي آءِ ٽي انڊسٽري جو هلڻ تمام ڏکيو ٿي ويندو، تنهنڪري هاڻي غير شرعي وي پي اين سروس کي شرعي ڪرڻ لاءِ رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. وڏي وقت کان وٺي مذهب جو پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪندڙ پيشوائن ۽ حڪمران طبقي جي مليل سازشن جي ڪري دين کي گهڻو نقصان رسيو آهي. پاڪستان جون مختلف آءِ ٽي ڪمپنيون ساليانه 3.2 ارب ڊالر پاڪستان ۾ آڻين ٿيون. پاڪستان ۾ 23 لک فري لانسر آهن، جيڪي ٻاهرين ڪمپنين مان لکين ڊالر ڪمائي پاڪستان کڻي اچن ٿا. هڪ اندازي موجب ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اها سيڙپڪاري 15 ارب ڊالر تائين پهچي سگهي ٿي. انهن ڪمپنين ۽ فري لانسر نوجوانن جو ڪم وي پي اين کانسواءِ هلڻ ناممڪن آهي. افسوس، نتيجن جي ادراڪ کانسواءِ، حڪومت 30 نومبر تائين غير رجسٽر وي پي اين بند ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. مُلڪ ۾ جيڪڏهن وي پي اين سروس کي محدود ڪيو ويو ته ملڪ کي لکين ڊالرن جو نقصان ٿيندو.