مذهبن ۾ غربت جو تصور ۽ مارڪسي سوال

0
85
مذهبن ۾ غربت جو تصور ۽ مارڪسي سوال

انساني تاريخ جي طويل سفر ۾ مذهب رڳو روحاني رهنمائي جو ذريعو نہ رهيو آهي پر اهو هڪ سماجي، سياسي ۽ معاشي قوت طور بہ ڪم ڪندو رهيو آهي. مذهبن جو بنيادي پيغام، نظريي جي سطح تي، اخلاقي برابري، انساني همدردي ۽ انصاف تي ٻڌل رهيو آهي، پر جڏهن ان پيغام جي عملي تشريح جي ڳالهه ايندي آهي تہ هڪ سوال اڀري اسان آڏو ايندو آهي تہ ڇا مذهبن جو نظام غريبن کي حقيقي آزادي ڏياري ٿو يا انهن کي تقدير، صبر جي اميدن ۾ الجهائي استحصالي قوتن اڳيان اڇلائي ٿو ڇڏي؟ هن مضمون ۾ اسان ان سوال کي مارڪسي تنقيدي فڪر جي روشني ۾ پرکينداسين..!

قديم ۽ وچولي دور جي مذهبن ۾ غربت ۽ اميري جو تصور:

قديم مذهبن ۾ غريبن لاءِ ڪجهه اخلاقي هدايتون موجود هيون پر عملي طور سماجي اڏاوتن ۾ سخت طبقاتي فرق موجود رهيو. هندومت ۾ ذاتي نظام هڪ مثالي مثال آهي، جتي شودر (پورهيت طبقي) جي ماڻهن کي اميرن جي مندر ۾ عبادت ڪرڻ تہ پري جي ڳالھ، پير رکڻ جو حق بہ نہ هوندو هو. زرتشت مذهب ۾ بہ سماجي درجا واضح هئا. جيتوڻيڪ غريبن جي مدد ڪرڻ تي زور ڏنو ويو هو. يهوديت ۾ توريت مطابق قرض معاف ڪرڻ جي تلقين ڪيل آهي تہ غريبن جا قرض جوبلي سال (jubilee year) ۾ معاف ڪيا وڃن پر تاريخي طور عبراني قومن ۾ بہ اميرن جي طاقت قائم رهي. عيسائيت جي ابتدائي دور ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو پيغام اميرن خلاف ۽ غريبن جي حق ۾ هو: “غريبن کي خوشخبري ڏني وئي آهي” (لوقا 4:18)، پر بعد ۾ چرچ پاڻ امير طبقي سان جُڙي ويو. اسلام ۾ زڪوات، صدقي، يتيم پالڻ، ۽ اميريءَ کي آزمائش سمجهڻ جا اصول آهن. نبي ڪريم صه جي زندگي سماجي انصاف لاءِ مثالي هئي پر خلافتن کان پوءِ اسلامي سلطنتن ۾ بہ دولت جو امير ۽ طاقتور ماڻهن وٽ جمع ٿيڻ سبب سماج اندر طبقاتي فرق وڌي ويو. مذهبن ۾ غريبن لاءِ صبر، تقدير، ۽ جنت جو واعدو عام رهيو آهي.

هندومت ۾ “ڪرم” جو تصور غريبن کي سندن گذريل جنمن جي عملن جو نتيجو قرار ڏئي ٿو ۽ بهتر ڪرم ڪرڻ جي عيوض سرڳ (جنت) جي خوشخبري ٻڌائي ٿو. اسلام ۽ عيسائيت ۾ بہ صبر ڪندڙن کي آخرت ۾ انعام سان نوازڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي. مارڪس جي نقطه نظر کان ڏٺو وڃي تہ مذهبن جا ڏنل اهڙا تصور غريب طبقي کي سندن زندگي ۾ ٿيندڙ استحصال کي قبول ڪرائڻ جا اوزار بڻجي وڃن ٿا. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي بدترين حالتن کي آزمائش يا مقدر سمجهن تہ نہ صرف هو ظالمن جي خلاف بغاوت ڪرڻ کان پاسو ڪندا، بلڪه اڃان وڌيڪ جڪڙجندا.

تاريخي مثالن ذريعي طبقاتي فرق جي وضاحت:

فرعونن جي مصر ۾ مذهبي پيشوا ۽ حڪمران پاڻ کي خدا جو نمائندو سڏائيندا هئا. عام ماڻهو انهن لاءِ مزدوري ڪندا هئا. وچولي دور جي يورپ ۾ ڪئٿولڪ چرچ امير طبقي جي حمايت ڪندي بادشاهن جي اختيار کي خدائي حيثيت ڏيندي هئي. اسلامي سلطنتن ۾ بہ خليفا، درٻاري مُلان ۽ جاگيردار گڏجي اقتدار ۽ دولت جو مرڪز بڻيل هئا. اهي مثال ڏيکارين ٿا تہ مذهبي ادارا گهڻو ڪري حڪمران طبقي سان ملي عوامي شعور کي دٻائيندا رهيا آهن، جڏهن تہ غريبن اڳيان تقدير ۽ صبر جا واعظ ڪندا رهيا آهن.

مارڪس جو نقطه نظر ۽ تنقيد:

ڪارل مارڪس 19هين صديءَ جي فلسفي جو خيال هو تہ مذهب ماڻهن کي حقيقي دنيا جي درد مان ڪجهه وقت لاءِ تسلي ڏئي ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ انهن کي استحصالي قوتن خلاف جدوجهد ڪرڻ کان روڪي ٿو. سندس خيال ۾ مذهب غريبن جي پيڙا کي جائز بڻائي ٿو ۽ موجوده استحصالي نظام کي خدائي مرضي سان جوڙي ٿو.

انقلاب ۽ مزاحمت کي گناهه قرار ڏئي ٿو

مارڪس جي راءِ موجب غريبن جي حقيقي آزادي معاشي نظام جي تبديلي سان ايندي، نه ڪي صرف خيرات وغيره سان ماڻهن ۾ سڌارو ايندو.

مذهب جي سماجي اڏاوت ۾ ڪردار:

مذهب صرف اعتقاد جو نظام ناهي پر هڪ سماجي ادارو بہ آهي. اهو ادارو جڏهن رياست، طاقت ۽ دولت سان گڏجي وڃي ٿو. تڏهن اهو استحصالي بڻجي سگهي ٿو. اسان کي اهو لقاء تاريخ جي هر دور ۾ نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ ڪيترائي سنت فقير ۽ اصلاحڪار انسانيت ۽ استحصال کان پاڪ معاشري جي پرچار ڪندا رهيا آهن پر اهڙن ادارن جو تاريخي ڪردار اڪثر حڪمران طبقي جي خدمت ئي رهيو آهي.

مارڪس جو تجويز ڪيل رستو مذهب کي رد ڪرڻ کان وڌيڪ سماجي شعور پيدا ڪرڻ، طبقاتي سڃاڻپ جاڳائڻ ۽ تنظيم جي ذريعي تبديلي آڻڻ آهي. ان انقلابي جدوجهد لاءِ ضروري آهي تہ ماڻهو پنهنجي حالتن کي سزا نہ بلڪه سماجي نا انصافي سمجهن. اخلاقي تعليمات کي فرد جي ذاتي نجات بدران ان کي سماج جي اجتماعي آزادي سان جوڙي ڏسڻ گهرجي. مذهبن جي انساني برابري واري پيغام کي ٻيهر زنده ڪيو وڃي ۽ غريب طبقي جي قيادت خود انهن جي هٿ ۾ هجي، نہ تہ جاگيردار، ملان ۽ سرمائيدار انهن جو استحصال ڪندا رهندا.

اسان کي اها ڳالھ ياد رکڻ گهرجي تہ تقدير، صبر، ۽ خيرات جهڙا خوبصورت لفظ ان وقت بي معنيٰ ۽ بي اثر ٿي ٿا وڃن، جڏهن اهي غريبن کي خاموش رکڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا. مارڪس جي فڪر ۾ غربت رڳو اخلاقي يا مقدر جو مسئلو نہ آهي پر اهو ھڪ معاشي ۽ سياسي اڏاوت جو نتيجو آهي، جنهن کي ختم ڪري انصاف ڀري ۽ برابري واري سماج قائم ڪرڻ لاءِ شعور، تنظيم ۽ جدوجهد ضروري آهي..!!