مدئجي(ن پ ا) ڳاهيجا پوليس جو انوکو ڪارنامو، جهيڙي ۾ مارجي ويل کي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي، ڳاهيجا ٿاڻي تي پوليس مقابلي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي، 3ڏينهن اڳ ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڻڪ جي وانڍ ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل عبدالحڪيم جتوئي کي ڳاهيجا پوليس  مقابلو ڄاڻائي مارڻ جي دعوي ڪئي آهي ايس ايچ او ڳاهيجا سرفراز ابڙو جي فرياد تي پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آئي آر  ۾ پوليس واضع ڄاڻايو آهي ته اسان کي ڏوهارين جي موجودگي جو اطلاع مليو ته مختلف ٿاڻن جنهن ۾ ايس ايچ او امروٽ غلام حسين ديناري، اي ايس آءِ جمالپور ضمير حسين پوليس جمعدار مدئجي ٿاڻو واجد شاھ ۽ ٻيا لنڪ روڊ سان وڃي رهيا هئاسين ته ڏوهاري عبدالحڪيم جتوئي کي هٿيار هيو جنهن کي پيش ٿيڻ لاءِ چيو سين ته عبدالحڪيم پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ مقابلو ٿي پيو مقابلو دوران جوابدار عبدالحيم مارجي ويو.