مدرسن بابت صوبن ۾ به قانونسازي جو مطالبو: ڳالهين کان انڪار غير جمهوري رويو آهي: فضل الرحمان

0
27
مدرسن بابت صوبن ۾ به قانونسازي جو مطالبو: ڳالهين کان انڪار غير جمهوري رويو آهي: فضل الرحمان
مدرسن بابت صوبن ۾ به قانونسازي جو مطالبو: ڳالهين کان انڪار غير جمهوري رويو آهي: فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ ف سربراهه پاران وزيراعظم سان فون تي رابطو ڪري ديني مدرسن جي رجسٽريشن بابت صوبن ۾ قانونسازي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف مولانا فصل الرحمان کي قانونسازي لاءِ حمايت جي خاطري ڪرائي، وزيراعظم چيو ته هو صوبن ۾ قانونسازي لاءِ وڏن وزيرن سان رابطا ڪندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ جڙيل حڪومتي ڪاميٽي جي ترجمان عرفان صديقي جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات به ٿي، مولانا فضل الرحمان چيو ته سياسي پارٽين ڳالهيون جهموريت جو انتهائي اهم جُز آهي، ڳالهين کان انڪار غير جهموري رويو آهي، وڏا وڏا مسئلا پاڻ ۾ گڏجي ويهي ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا، عرفان صديقي مولانا فضل الرحمان کي پي ٽي آءِ سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.