اسلام آباد(بيورو رپورٽ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت بجلي جا اگهه گهٽائي، ٻي صورت ۾ جماعت اسلامي ملڪ گير احتجاج شروع ڪندي، عوام احتجاج واري سڏ لاءِ تيار رهي. فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گهرو وزير محسن نقوي منصوره پهچي جماعت اسلامي جي قيادت کي آءِ پي پيز معاهدي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. اسان کين واضح طور تي چيو آهي ته جماعت اسلامي وٽ عوام کي رليف نه ملڻ جي صورت ۾ احتجاج ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. امير جماعت اسلامي چيو ته جماعت اسلامي سڄي ملڪ ۾ عوامي ڪاميٽيون ٺاهي رهي آهي، مدرسن جي رجسٽريشن بابت سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته 2019ع جو معاهدي تي مدرسن جي سمورن تنظيمن صحيون ڪيون هيون، مدرسن جي رجسٽريشن جي حوالي سان مولانا فضل الرحمان ۽ جماعت اسلامي جي موقف ۾ هڪجهڙائي ناهي. اسان چاهيون ٿا ته 2019ع جي معاهدي مطابق مدرسن جي رجسٽريشن جاري رهي، جيڪڏهن ڪو مدرسو سوسائيٽي ايڪٽ تحت رجسٽريشن چاهي ٿو ته ان کي به اجازت ملڻ گهرجي. ان مسئلي کي 26 هين آئيني ترميم سان نه جوڙيو وڃي.