ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو تعلقي جي ڳوٺ موڙاٺ واسي  برسات متاثرن پاران واهر نه ٿيڻ خلاف ڪنڊيارو_ درٻيلو روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي  انور رند ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  اسين بکن ۾ پاهه ٿي ويا آهيون، پر تڪ جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي اسان جي سار ناهي لڌي، هنن وڌيڪ چيو ته روڊ تي بي يارو مددگار ويٺل آهيون، راشن ۽ امدادي سامان من پسندن کي ڏنو پيو وڃي، نوٽيس وٺي مدد ڪئي وڃي.