ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نامياري اداڪار ۽ هدايتڪار فرحان اختر جي نئين فلم ” ڊان ٿري“ شاهه رخ خان جي ڇڏڻ کانپوءِ ڊگهي عرصي کان خبرن ۾ آهي  بلاڪ بسٽر سيريز جي ٽئين حصي ۾ ڪنگ خان جي بدران رنوير سنگهه ڊان جو آئيڪونڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته فلم جي حوالي سان نوان تفصيل سامهون آيا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب فلم جي ڪاسٽنگ تي ڪم جاري آهي ۽ ” ڊان ٿري “ جي پري پروڊڪشن جي شروعات ايندڙ مهيني کان ٿيندي. ذريعن موجب فلم جي عڪسبندي هلندڙ سال آگسٽ ۾ شروع ٿيندي ۽ فلم جي ٽيم مداحن کي ڪيئي سرپرائز ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي. ڊان ٿري “ ۾ رنوير سنگهه جي مقابلي ۾ ڪهڙي اداڪارا ڪردار ادا ڪندي ان بابت اڃا تائين تفصيل سامهون ناهن آيا پر شوٽنگ شروع ڪرڻ کان اڳ ان جو اعلان ڪيو ويندو.